وارهه (ن پ ا) وارهه ۾ ڳوٺ گل ٻرڙو واسين زاهد لاشاري، مصطفيٰ لاشاري، بختاور خاتون، ذليخان خاتون ۽ ٻين بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ڳوٺ جي بااثرن رشيد چولياڻي، مختيار چولياڻي ۽ وحيد چولياڻي سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته بااثرن گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ مردن تي بنا جواز تشدد ڪيو، ٿاڻي تي وياسين ته پوليس بااثرن خلاف فرياد نه ورتي، هنن مطالبو ڪيو ته بااثرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.