وارهه (ن پ ا) وارهه جي ڪار اسٽيڊ ڀرسان ٽرڪ جو پنجاب واسي ڪنڊيڪٽر شفقت پير ترڪڻ سبب ٽرڪ تان ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن ۾ سندس ٻانهن ٽرڪ هيٺان اچڻ سبب هو بيهوش ٿي ويو، ٽرڪ ڊرائيور ۽ مزدورن کيس اسپتال منتقل ڪيو، جتان کيس لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو.