وارهه ۾ مبينا اغوا ٿيل نينگري آسيه چانڊيو جي بازيابي لاءِ ڌرڻو

0
200
وارهه ۾ مبينا اغوا ٿيل

وارهه ۾ 3 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نينگري آسيه چانڊيو جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو هنيو ويو

نينگري جي وارثن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو

وارثن جو چوڻ آهي ته 11ورهين جي آسيه چانڊيو 3 ڏينهن اڳ اسڪول وڃڻ بعد واپس نه موٽي، خدشو آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي

هنن چيو ته پوليس نينگري جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، نوٽيس وٺي مدد ڪئي وڃي