وارھ (ن پ ا) وارھ ڀرسان گهاڙ ڊرين کي لڳل گهارا بند ڪرائيندي پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويل اڳوڻي يوسي چيئرمين علي حسن بروهي جو ٽيجهو ٿيو، جڏھن ته سندس پونئيرن سان پ پ بلوچستان جي اڳواڻ سردار ثناءَ الله زهري، اڳوڻي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، ايم پي اي سردار چانڊيو وارھ پهچي نور احمد بروهي،بشير بروهي، غفار بروهي ۽ ٻين سان  تعزيت ڪئي، جتي اڳواڻن چيو ته علي حسن بروهي سموري زندگي عوامي ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪئي، ٻوڏ جي پاڻي سان جنگ لڙندي شھر کي وڌيڪ ٻڏڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ شھر خاطر جان جو نظرانو ڏنو. هنن چيو ته علي حسن بروهي جي قرباني کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهجي.