وارھ (ن پ ا) وارھ ۾ جنرل اسٽور تي ملازمت ڪندڙ نوجوان محمد علي ابڙو کي جوابدارن ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي شھرين ۽ پوليس کڻائي وارھ اسپتال پهچايو، جتان کيس لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو. والد شھزادو ابڙو صحافين کي ٻڌايو ته برادري جي ماڻھن ياسين ابڙو ۽ ٻين  سان ٻاراڻي ڳالهه تي نااتفاقي ٿي هئي. مخالفن پٽ کي گولي هڻي زخمي ڪيو آھي، هن گهر ڪئي ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.