وارھ (ن پ ا) وارھ ٽائون جي وارڊ نمبر 10 تي بيٺل سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي  جي اميدوار وقار رضا چولياڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ خان محمد ميرجت پاڙي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪئي وئي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر جگديش آھوجا، جلال الدين بخاري، محب ڦلپوٽو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ واسي پ پ بجاءِ سنڌ دوست اميدوارن جي چونڊ ڪن، وقار رضا چولياڻي جا هٿ مضبوط ڪري کيس ڪامياب ڪيو.