وارھ (ن پ ا)  وارھ واسي 3 مغوين جو پتو نه پيو، 2 مهينا  اڳ لاڙڪاڻي مان اغوا ٿيل وارھ جي ڳوٺ محمد رمضان بروهي واسي نوجوان علي احمد بروهي جي بازيابي لاءِ سندس امڙ هوران بروهي احتجاج ڪندي دانهيو ته پٽ کي خان محمد بروهي، صيفل بروهي ۽ عزيز بروهي اغوا ڪري نوابشاهه ۾ قيد ڪري بازيابي لاءِ 5 لک ڀنگ گهري رهيا آهن. ٻئي طرف ڏيڍ مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل  وارھ جي قبول محمد  تنيا پاڙي واسي نينگر دربان تنيو ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور پنجل گوگاڻي جي بازيابي لاءِ پوليس ڪي به اپاءَ ناهن ورتا. ٽريڪٽر ڊرائيور ۽ نينگر جي بازيابي لاءِ وارثن کان 10  لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي.ٽريڪٽر ڊرائيور جي وارثن ملڪيت 2 لک عيوض 10 ويسا زمين وڪرو ڪئي آھي ۽ پنڻ باوجود  رقم گڏ ناهي ٿي سگهي.