وارھ (ن پ ا) وارھ جي ايريگيشن پاڙي جي رهواسڻ 11 ورهين جي آسيا چانڊيو اسڪول وئي موڪل کانپوءِ گهر نه پهتي، وارثن نور محمد چانڊيو، خان محمد چانڊيو چيو ته آسيه  اسڪول وئي موڪل بعد گهر نه موٽي، اسڪول انتظاميا به نياڻي اسڪول اچڻ جي تصديق ڪئي آهي، خدشو آهي ته نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي.هوڏانهن نياڻي گم ٿيڻ تي سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن،  گهر ۾ قرآن خواني درود صلوات جو پڻ جاري آهي.سياسي سماجي ڌرين ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، غلام مصطفيٰ کاهوڙي، نجيب چانڊيو، عرفان منان سميت شهرين پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪندي نينگري جي جلد بازيابي جو مطالبو ڪيو آھي، ايس ايچ او وارھ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته نينگري گمشدگي جو اطلاع مليو آھي، جاچ ڪريون پيا.