وارھ (ن پ ا ) وارھ ٽائون جي ڏهين وارڊ تي پ پ شھيد ڀٽو جي اميدوار نياز  حيدري حمايتن سان گڏجي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي. نياز حيدري خطاب ڪندي چيو ته پ پ ش ڀ عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، اقتدار کان بغير به عوامي خدمت ڪئي آھي، عوام پ پ کي ڪامياب ڪرڻ بجاءِ هن ڀيري کيس ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو، رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائيندس،  ٻئي طرف وارڊ نمبر 8 تي آزاد اميدوار عدنان ڪريم ڇٽو پاران سومرا پاڙي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، اميدوار خطاب ڪندي چيو ته 8 وارڊ جو عوام اڪثريت ۾ ساڻن گڏ آھي.