وارھ (ن پ ا)  وارھ جي اڪثر هوٽلن تي صحت لاءِ هاڃيڪار ڪيميڪل وارو کير استعمال  ٿيڻ لڳو آھي.مليل ڄاڻ موجب هڪ ڪلو خشڪ ڪيميڪل پائوڊر کي هڪ ڪلو کير سان ملائڻ بعد پاڻي وجهي 40 ڪلو کير تيار ڪيو پيو وڃي.ڪيميڪل واري کير مان ٺھندڙ چانھن واپرائڻ سبب ماڻھو مادي جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي عائشه جوڻيجو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪيميڪل وارو کير زهر آھي، جيڪو واپرائڻ سان سڌو سنئون  بڪين تي اثر ڪري ٿو، شھري لکت ۾ شڪايت ڪن، ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪبي. هوڏانهن سياسي سماجي ۽ شھري اڳواڻن غفار ميرجت، عرفان منان، محمد پنهل عباسي، نياز حيدري پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هوٽل مالڪ ڪيميڪل واري کير مان چانهم ٺاهي وڪرو  ڪن ٿا، نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪئي وڃي.تعلقي اسپتال وارھ جي ايم ايس پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪيميڪل واپرائڻ سبب مادي جون بيماريون ٿين ٿيون، بڪيون به ختم ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسپتال ۾ اڪثر مادي جي مريضن جو اچڻ ٿئي ٿو جنهن جو سبب ڪيميڪل جو کير آھي جن خلاف ڪاروائي ڪرڻ فوڊ اٿارٽي جو اختيار آھي.