وارهه (ن پ ا ) وارهه تعلقي اندر پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، تعلقي جي مڙني شاخن ڪنئور، نصير، پنا، تونيا مائينر، ڪالري شاخ سميت ڪنهن به شاخ ۾ پاڻي ناهي پهتو،م جنهن ڪري علائقو سوڪڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. جڏهن ته شھري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان ڏس ۾ پاڻي کوٽ خلاف سماجي اڳواڻ نياز حيدري، سڪندر سومرو، هوشو کهاوڙ، عمران ابڙو، محرم صاحباڻي ۽ ٻين ٽئين ڏينهن به احتجاج ڪيو. هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب آبادگار سارين جا ٻيجارا ته ناهن پوکي سگهيا پر شاخن واهن ۽ تلائن ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب علائقي واسي توڙي پکي ۽ جانور اڃ مري رهيا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي کوٽ ختم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.