ڀان سيدآباد: اي ايس پي سيوهڻ محمد بيدار بخت رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس نورعين جي موت ۾ استعمال ٿيل پستول فارينزڪ رپورٽ لاءِ موڪليو آهي، جنهن جي رپورٽ جو انتظار آهي، ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ جي رپورٽ جو به انتظار ڪريون پيا، هن چيو ته گرفتار جوابدار محسن مهر 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس وٽ آهي کائنس پڇا ڳاڇا ڪريون پيا، نورعين جي موبائل جو رڪارڊ به چيڪ ڪريون پيا، ڪيس کي ميرٽ جي بنيادن تي ڏسون پيا، ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي.