ڪراچي (م ڊ) ڪراچيءَ ۾ او ايل ايڪس تي موبائل وڪرو ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي نوجوان ڦورن جي ور چڙهي ويو، جوابدار موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا. لاڙڪاڻي واسي نوجوان سهيل جمالي موجب 3 ڏينهن اڳ مون ڏي هڪ نمبر تان فون آئي ۽ انهن چيو ته توهان جو او ايل ايڪس تي ايڊ ڏٺو آهي، اها موبائل وٺڻ چاهيون ٿا، جنهن بعد انهن مون کي نيپا چورنگي ڀرسان گهرايو ۽ ڪار ۾ ويهاريو. هن ٻڌايو ته ڪار ۾ پويان ويٺل همراهه پسٽل ڪڍي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ۽ ڪيترو ئي وقت يرغمال ڪرڻ بعد هنن مون کان روڪ رقم، آءِ فون موبائل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ۽ رستي تي لاهي فرار ٿي ويا. سندس چوڻ هو ته مان نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهيان ۽ هتي اڪيلو رهندو آهيان، اعليٰ اختياريون ڦورن خلاف ڪارروائي ڪري سامان واپس ڪرائين.