وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) تعلقي رتوديرو ۾  برساتون پوڻ کانپوءِ تعلقي جي يونين ڪائونسلن وارث ڏنو ماڇي ۽ وڏاٻوسڻ ۾ چوپائي مال جا چارا مڪمل طور تي ختم ٿي ويا آهن، زمينن ۾ بيٺل گاهه گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري سڙي سڪي تباھ ٿي ويا آهن، بھه جي واپارين پاران بھه جا  هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن،  300 وارو بھه جو في مڻ 1500 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي،  جنهن ڪري مسڪين مالوند گاھ خريد ڪرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن. جنهن ڪري بکن تي چوپايو مال مري رهيو آهي.