وارث ڏنو ماڇي: رولو ڪتي هڪ ئي گهر جي ڇهن ڄڻن ۽ ٻن مينهن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو. يونين ڪائونسل وارث ڏنو ماڇي جي ڳوٺ دريا خان بروهي ۾ رولو ڪتي هڪ ئي گهر جي 6 ڄڻن 48 سالا عبدالوهاب بروهي، 14 سالا علي جان ولد عبدالوهاب، 2 سالا واحد بخش ولد عبدالوهاب 4 سالا وحيده ڌي عبدالوهاب 6 سالا ميرزادي ڌي عبدالوهاب بروهي 5 سالا ذڪيه ڌي عبدالوهاب 4 سالا علي جان ولد عبدالوهاب بروهي ۽ ٻن مينهن کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو.زخمي 6 گهرڀاتين کي علاج لاءِ يوسي جي سرڪاري اسپتال ميهر ٻرڙو آندو ويو جتي کين فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي ويڪسين لاءِ ليٽر ڏنو ويو، متاثر عبدالوهاب بروهي ٻڌايو ته گذريل رات ديرسان رولو ڪتي گهر ۾ داخل ٿي اسان ڇهن گهر ڀاتين ۽ ٻن مينهن کي تي حملو ڪري ڏاڙهي زخمي ڪيو آھي، اسپتال وارن لاڙڪاڻي مان ويڪسين ڪرائڻ لاءِ ليٽر ڏنو اسان وٽ ڪرائي جا پيسا ناهن، ويڪسين ڪرائڻ لاء لاڙڪاڻي نٿا وڃي سگهون، نوٽيس وٺي ويڪسين فراهم ڪئي وڃي.