وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ۾ نينگر ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت. خبر موجب ڳوٺ بصرالدين کوسو ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن اڪبر کوسو جو ڀاڻيجو 10 سالا فراز علي کوسو ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، نينگر جو مڙس گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، نينگر جي مامي اڪبر کوسو ٻڌايو ته زمين تي ڪڻڪ جو ٿريشر هلي رهيو هو ته نينگر اوچتو ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.