وائٽ هائوس تي پراسرار توانائي جا حملا:سيڪيورٽي ايجنسين جا مٿي تي هٿ

0
400

واشنگٽن(دلچسپ نيوز) وائٽ هائوس تي پراسرار توانائي جي حملن بعد سيڪيورٽي ايجنسين جا مٿي تي هٿ اچي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن ۾ قائم وائيٽ هائوس ۾ نظر نه ايندڙ پراسرار توانائي جي حملن سبب خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پراسرار حملن ۾ مختلف ماڻهن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ خبر ئي نٿي پئجي سگهي ته ماڻهو حملي جو شڪار ٿيو آهي. حملي جي شڪار ٿيل همراهه کي 30 سيڪنڊ کان 30 منٽن تائين ڪنهن خاص طرف کان تاڙيون وڄندي ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون جڏهن ته متاثر شخص کي مٿي ۾ سور ٿئي ٿو، الٽي واري ڪيفيت به شامل، سندس ڀرپاسي بيٺل همراهه کي ڪجهه به نٿو ٿئي، انهن ظاهر ٿيندڙ علامتن کي هوانا سنڊروم سڏيو وڃي ٿو جنهن جي بنياد تي ڪنهن پراسرار حملي جي نشاندهي ٿئي ٿي، حملن کانپوءِ آمريڪي سيڪيورٽي ايجنسيون حرڪت ۾ اچي ويون پر اڃا تائين ڪوبه ڏس پتو حاصل نه ڪري سگهيون آهن. ان حوالي سان سي آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي حملا ڪهڙي نموني ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن جي پٺيان ڪير آهي؟ في الحال ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهجي. واضح رهي ته سنڊروم جا شروعاتي واقعا 2016 دوران ڪيوبا ۾ مقرر آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سفارتي عملي سان پيش آيا. 2018 ۾ اهڙائي واقعا چين جي ڳجهي مشن تي ويندڙ آمريڪي سي آءِ اي جي اهلڪارن سان پڻ پيش اچي چڪا آهن.