لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل طرفان هڪ ڪروڙ 88 لک رپيا ٽئڪس جمع نه ڪرڻ تي ايف بي آر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا سمورا اڪائونٽ منجمند ڪري ڇڏيا، ملازم پگهارن ۽ پينشنر پينشن نه ملڻ تي سراپا احتجاج بڻجي ويا، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جا بئنڪ اڪائونٽ ٽئڪس جمع نه ڪرڻ تي منجمند ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان ايف بي آر جي اسسٽنٽ ڪمشنر انڪم ٽئڪس اظهر ڀٽو ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو ڏانهن 19-2018 دوران هڪ ڪروڙ 88 لک روپيه ٽئڪس جي مد ۾ رهتون آهن جيڪي ڪائونسل طرفان ادا نه ڪيون ويون آهن، ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جي ملازمن ايف بي آر طرفان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جا سمورا اڪائونٽ بند ڪرڻ خلاف آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،ملازمن  ايف بي آر آفيس جي مُک گيٽ وٽ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ملازم اڳواڻن محمد بخش سومرو، امتياز علي عباسي، منظور مغيري، عارف ڀنڊ، نديم شيخ ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو  جا منجمند ڪيل بئنڪ اڪائونٽ فوري طور کولي ملازمن کي پگھارون ۽ پينشن جي رقم جاري ڪري ڏني وڃي