ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي پورهئي  واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ پوليس ۽ سنڌ حڪومت گڏيل ڪم ڪري رهيا آهن، ائين محسوس پيو ٿئي ته ڪراچي شهر جو امن خراب ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، تنقيد ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر بي سبب تنقيد سان بيچيني وڌندي آهي. ڪالهه ايڪسپو سينٽر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته دوائن جا معاملا وفاقي حڪومت ڏسندي  آهي، هن وقت بخار جي دوائن جي شديد کوٽ آهي، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته صوبي ۾ مڇرمار اسپري ڪرايو پيو وڃي پر جنهن پيماني تي اسپري ٿيڻ گھرجي، اهو نه پيو ٿئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري مقرر وقت تي ئي ٿيڻ گھرجي، هن چيو ته هڪ ڪروڙ برسات متاثرن کي ڪراچي ۾ آڻي آباد ڪرڻ ممڪن ناهي