حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ 3 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان فرحان سيال جي گرفتاري دوران زال سان ڪيل گفتگو جي آڊيو رڪارڊنگ منظر عام تي اچي وئي آهي. ان آڊيو ڪال ۾ فرحان سيال پنهنجي زال سان مخاطب ٿي پوليس کي پئسا ڏيڻ تي زور ڀري ٿو. فرحان سيال جو چوڻ هو ته ڪيئن به ڪري پوليس کي پئسا ڏئي معاملا طئي ڪيا وڃن ته جيئن هو چالان ٿيڻ کان بچي پوي. هن جو چوڻ هو ته جنهن  هنڌ هو قيد آهي اتي ٻيا ماڻهو به موجود آهن. انهن جا مٽ مائٽ پوليس سان ڏيتي ليتي ڪري پنهنجن ماڻهن کي آزاد ڪرائي وڃي رهيا آهن پر سندس پاران ڪنهن به ماڻهو اڃا تائين پوليس سان رابطو ڇو نه ڪيو آهي. هن پنهنجي زال کي اهو به چيو پئي ته سندس آزادي لاءِ ايس ايس پي يا لاڳاپيل ايس ايڇ او کي فون ڪرايا وڃن ته جئين ڏيتي ليتي جي معاملن ۾ آساني پيدا ٿي سگهي. هوڏانهن فرحان سيال جي وارثن پاران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انهن فرحان جي آزادي جي لاءِ ايس ايڇ او حنيف کوسو کي هڪ ڪروڙ رپيا ادائيگي ڪئي آهي.   وارثن مطابق ايس ايڇ او پاران کين هڪ بئنڪ جي چيڪ جي فوٽو ڪاپي موڪلي وئي ۽ ان بئنڪ جي برانچ گهوٽڪي ۾ آهي  هڪ انٽر پرائيزز معرفت هڪ ڪروڙ رپيا پئسا گهرايا جيڪي هن کي ٽن قسطن ۾ ادا ڪيا ويا. انهن مان هڪ قسط 15 ک 10 هزار، ٻي قسط 25 لک ۽ ٽئين قسط 59 لک 9 هزار رپيا ادا ڪئي وئي. اها سموري رقم ان بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن جي چيڪ جي ڪاپي کين فراهم ٿي هئي. ڄاڻايل رقم ان انٽر پرائيزز جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن بابت کين مبينا طور پوليس صوبيدار پاران هدايتون مليون هيون. حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل فرحان سيال جو تعلق خيرپور جي ٿلهو ڳوٺ سان هو. سندس وارثن جو چوڻ آهي ته کيس خيرپور پوليس گرفتار ڪيو ۽ هڪ ڪروڙ رپيا وٺڻ جي باوجود کي آزاد نه ڪيو ويو. هڪ ڪروڙ رپين جي ادائگي بعد وڌيڪ 20 لک رپيا گهريا ويا جيڪي نه ادا ڪرڻ تي انهن فرحان سيال جي ٻانهن حيدرآباد پوليس حوالي ڪئي جتي کيس ڦليلي پوليس مبينا مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل فرحان سيال جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي.