آئڊاهو (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ شخص هڪ ڦيٿي واري سائيڪل تي ڪرتب ڏيکاريندي 49.47 ڪلو ميٽرن جو سفر طئي ڪري گنيز ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. آمريڪي رياست آئيڊوهو سان تعلق رکندڙ ڊيوڊ رش جيڪو اسٽيم ايجوڪيشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تقريبن 250 گنيز عالمي رڪارڊ ٽوڙي چڪو آهي، هن جو چوڻ آهي ته هن رڪارڊ بڻائڻ جي ڪوشش لاءِ پنهنجي هڪ ڦيٿي واري سائيڪل مان 20 انچ وارو ڦيٿو ڪڍي 36 انچ وارو ڦيٿو لڳائي سائيڪل کي اپ گريڊ ڪيو. هن چيو ته جڏهن اوهان فاصلو طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهيو ته بهتر هوندو آهي ته ڦيٿو وڏو هجي. هن چيو ته ڪرتب ڏيکاريندي ڊگهو فاصلو طئي ڪرڻ جي آفيشل ڪوشش کان اڳ ۾ تقريبن ساڍن پنجن سالن تائين سخت محنت ڪئي. ڊيوڊ رش ٽريڪ جا 123 چڪر لڳايا، جيڪي 49.47 ڪلو ميٽر جو فاصلو بڻجي ٿو. ان دوران ڪرتب ڏيکاريندي هن کان هڪ غلطي ٿي ۽ هن جي ڪوشش اتي ختم ٿي وئي. هن جو طئي ڪيل فاصلو گذريل رڪارڊ يعني 19.31 ڪلو ميٽر کان ٻيڻ کان وڌيڪ آهي. هن 28.96 ڪلو ميٽر وارو رڪارڊ به ٽوڙيو.