هڪ ڏينهن جي پوليس چيف بڻيل ٻلي جي وڊيو وائرل

0
395

ٽوڪيو (دلچسپ نيوز) هڪ ڏينهن جي پوليس چيف بڻيل ٻلي جي وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ هڪ ٻلي کاهي ۾ ڪريل پيرسن شهري جي زندگي بچائي هئي اهو واقعو گذريل سال پيش آيو هو جنهن بعد زندگي بچائيندڙٻلي لاءِ اعزاز طور حڪومت پاران کيس هڪ ڏينهن لاءِ پوليس چيف بڻائڻ جو فيصلو ٿيو. ڪوڪو نالي ٻلي کي پوليس چيف جي ٽوپي ۽ وردي پارائي وئي، پوليس چيف بڻايل ٻلي جي وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن بعد صارفين دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.