لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار قوي خان چيو آهي ته ڪو وقت اهڙو به هو جو ڪرائي جي لاءِ پنج پيسا به نه هئا.هڪ ٽي وي شو ۾ ميزبان جي سوال تي قوي خان مشڪل وقت تان پردو کڻندي چيو ته هن جي ڏک ڀري ڪهاڻي اهڙي آهي جو ان تي پنج ست ناول لکي سگهجن ٿا.قوي خان چيو آهي ته هن پنهنجي زندگي ۾ وڏي پيماني تي ڏک،پريشاني ۽ بک ڏٺي آهي.هن ٻڌايو ته جڏهن آئون لاهور ۾ هوندو هئس ان وقت ٻن سالن کانپوءِ 25 روپيا ڪرايو ڏيڻ جهڙو ٿيس.اداڪار جو چوڻ هو ته هڪ اهڙو به وقت آيو جو مون وٽ بس جي ڪرائي جا پنج پيسا به نه هئا، کيسي ۾ صرف 15 پيسا هئا جڏهن ته ڪرايو 20 پيسا هو، 5 پيسي لاءِ ڪنهن دوست وٺ ويس، هن سان ڪافي دير تائين بيٺو رهيس پر همت نه ٿي جو کانئس پيسا گهري سگهان.