سوئٽزرلينڊ (انٽرسٽنگ نيوز) سوئٽزرلينڊ جي هڪ ڪمپني مائيڪرو موبيلٽي جي تيار ڪيل ننڍي سائز جي اليڪٽرڪ ڪار کي باظابطا طور تي ته پيش ناهي ڪيو پر هينئر تائين 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اها ريزرو ڪرائي چڪا آهن. هن گاڏي ۾ هڪ ئي در آهي ۽ ڪمپني به ان کي موٽرسائيڪل ۽ ڪار جو متبادل قرار ڏنو آهي. گاڏي جو وزن رڳو 535 ڪلوگرام آهي ۽ هن ۾ 2 ماڻهو سفر ڪري سگهن ٿا. سنگل چارج تي اها ڪار 230 ڪلو ميٽر ( جو دارومدار اوهان وٽ موجود ورجن تي هوندو) تائين 90 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري سگهندا ۽ شهرن ۾ سفر لاءِ ان کي مثالي قرار ڏنو ويو آهي. ڪمپني موجب سراسري استعمال تي گاڏي کي هڪ هفتي تائين چارج ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.