ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا مايا علي پيٽرول جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ کانپوءِ حڪومت مٿان مڇرجي پئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف لاءِ پيغام جاري ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ نئين اضافي تي شوبز ادڪارا مايا علي ردعمل ڏنو آهي. پاڪستان شوبز جي مشهور اداڪارا مايا علي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي تي موجوده حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي پيٽرول ۾ اضافي جي خبر شيئر ڪندي وزيراعظم کي به مخاطب ڪيو ۽ لکيو ته “مسٽر شهباز شريف هڪ ڀيرو ئي ماري ڇڏيو”. مايا علي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڌيڪ لکيو ته اهو کِل جوڳو آهي ۽ ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. ياد رهي ته حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ نئين قيمت 272 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي جيڪا عوام جي لاءِ ڏکيائي ۽ وڌيڪ مهانگائي جو سبب بڻجي رهي آهي.