ڌاٻيجي:  هڪ طرف کوٽائي جو ڪم جاري آهي ته ٻئي طرف وري سنڌ جي تاريخي ماڳ  ڀنڀور جي خالي پيل زمين تي قبضي ڪرڻ جو سلسلو پڻ تيز ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڀنڀور چئني طرفن کان مڪمل طور تي سوڙھو ٿيڻ سبب اهو پنهجي تاريخي سونهن وڃائڻ لڳو آهي ۽ هن وقت گهاري لڳ آثار قديما جي صورت ۾ بي يارو مددگار بڻيل ڀنڀور پنهنجون آخري نشانيون وڃائي رهيو آھي، ڀنڀور کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. جيتوڻيڪ هي تاريخي ماڳ آثار قديمه هئڻ ڪري مڪمل طور تي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آھي پر سواءِ ڀنڀور جي ڀٽن واري شهر کان سواءِ ڀنڀور جي چوڌاري واري زمين ڪنهن به حوالي سان محفوظ ناهي رهي. ڀنڀور جي مختلف وقتن تي ٿيل کوٽائي  بعد ملندڙ نوادرات جي ٻئي هنڌ منتقلي جا قصا به پراڻا آھن، پر ان سان گڏوگڏ سڀ کان اهم مسئلو هن تاريخي ماڳ جي زمين جي سنڀال ڪرڻ جو آهي، ڇو ته ڪيتري ئي وقت کان وٺي ڀنڀور جي زمينن تي غير سرڪاري ادارن طرفان قبضا ڪيا ويا.