هڪ ٻي آڊيو ليڪ ٿيڻ واري آهي، ان ۾ مريم مون کي اليڪشن ڪميشن مان نااهل ڪرائڻ جو ذڪر پئي ڪري: عمران خان

0
192
لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ

لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مريم نواز جي هڪ ٻي آڊيو ليڪ ٿيڻ واري آهي جيڪا مون بابت آهي

لاهور ۾ تقريب کي خطاب دوران عمران خان چيوته ڀارت جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ 140 ارب آهي ۽ اسان جي دور ۾ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ رڪارڊ 32 ارب ايڪسپورٽس ٿيون، اسان آءِ ٽي سيڪٽر کي ٽئڪس مان ڇوٽ ڏني

 جڏهن به حڪومت ۾ آياسين، اسٽارٽ اپس ۽ آءِ ٽي سيڪٽر کي ٽئڪس جي ڇوٽ ڏينداسين، اسان جي آخري سال دوران آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ 75 سيڪڙو وڌي

سندس چوڻ هو ته طاقتور ظالم جو مقابلو بزدل ۽ خود غرض نٿو ڪري سگهي، قوم بدترين مهانگائي کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ڪابينا ميمبر ايندي ئي پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ ۾ لڳي ويا آهن. سندس چوڻ هو ته اسان روس کان سستو تيل ۽ سستي ڪڻڪ وٺڻ لاءِ ڳالهيون ڪري آيا هئاسين، هي ماڻهو پاڪستان ايندا آهن ۽ پئسو لُٽي ٻاهر هليا ويندا آهنعمران خان ۾ همت آهي ته

اسحاق ڊار وزيراعظم جي جهاز ۾ ٻاهر ويو هو. هتي چورن سان معاهدا ٿيندا آهن، اسحاق ڊار ن ليگ جي حڪومت دوران هتان ويو، وٽس ڪيل ڏوهن جا جواب نه هئا ان ڪري ڀڄي ويو ۽ هڪ معاهدي تحت واپس اچي رهيو آهي، هتي چورن کي اين آر آو ڏنو ويندو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين اليڪشن ڪمشنر کي شريف خاندان جي گهر جو نوڪر قرار ڏيندي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ ذريعي فري اينڊ فيئر اليڪشن ٿئي ها پر چيف اليڪشن ڪمشنر نواز شريف ۽ زرداري جي چوڻ تي ملڪ ۾ اي وي ايم سسٽم نه آڻڻ ڏنو

سندس چوڻ هو ته هڪ ٻي آڊيو اچڻ واري آهي جنهن ۾ مريم نواز پنهنجي پيءَ کي چئي رهي آهي ته ڳڻتي نه ڪريو اليڪشن ڪميشن توشا خانا ۾ عمران خان کي نااهل ڪرڻ وارو آهي

پيءُ ملڪ کان ٻاهر ويٺو آهي ۽ پٽ چون ٿا ته اسان پاڪستاني شهري ناهيون. هن وڌيڪ چيو ته تازين آڊيو ليڪس کانپوءِ منجهن ٿورو شرم ۽ حياءَ هجي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏين، آڊيو ليڪس ۾ شهباز شريف، مريم نواز کي طريقا ٻڌائي رهي آهي، مريم نواز جو ناٺي ڀارت مان مشينري گهرائي رهيو آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان هٿياربند جٿا وٺي اسلام آباد آيو ته کيس روڪينداسين: راڻا ثناءُ الله

پنهنجو نه پر آرمي چيف ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، چونڊن ۾ نواز ۽ زرداري جي وڪيٽ ڪيرائيندس، ٽئين وڪيٽ لاءِ به يارڪر تيار آهي: عمران