هڪ وڌيڪ پروپيگنڊا، ڀارتي فوج کي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پيو

0
360

ڪراچي(م ڊ) ڀارتي (ر) ميجر جنرل هرشا ڪڪڙ پاڪستان جي معروف اداڪار شان شاهد ۽ گلوڪار عمير جسوال کي پاڪ فوج جا آفيسر سمجهي افغانستان جي وادي پنجشير ۾ هنن جي شهادت جي دعويٰ کي حقيقت مڃي ورتو.

ڀارت جي ميجر جنرل (ر) جي ڊي بخشي جي طرفان هڪ ٽويٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ هن لکيو ته پنجشير ۾ ويڙهه جي دوران پاڪستان کي ڏاڍو نقصان پهتو آهي، پنجشير ۾ پاڪستان جا 7 آفيسرز، 12 جونيئر آفيسر ۽ 25 ڪمانڊوز شهيد ٿيا، جڏهن ته ڪجهه زخمي ٿي پيا.

جي ڊي بخشي هن هن ٽويٽ کي شيئر ڪندي ”فوجي ڊاڪٽر“ نالي  اڪائونٽ پاڪستاني فلم ”يلغار“ جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ شان شاهد، عمير جسوال ۽ بلال اشرف موجود هئا.

هن اڪائونٽ جي طرفان دعويٰ ڪئي وئي ته ميجر اعجاز (شان) ۽ ڪيپٽن جعفر (عمير جسوال) منهنجو ڪلاس فيلو هئا جيڪي پنجشير ۾ شهيد ٿي ويا، جن کي پشاور ۾ دفنايو ويو آهي، آءِ ايس پي آر هن واقعي کي ڳجهو رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هي ٻئي وڏي بهادري سان وڙهيا.

ٻئي پاسي ميجر جنرل (ر) هرشا ڪڪڙ بنا تصديق هي ٽويٽ شيئر ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇڻ شروع ڪري ڇڏيو.

هن لکيو ته هي پنجشير وادي ۽ پاڪستاني مارجڻ جي سچائي آهي، پاڪستان جي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف ڪوڙ ڳالهايو ۽ پاڪستان پنهنجي ماڻهن جي مارجڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، شرمناڪ قيادت واري هي شرمناڪ قوم پنهنجي مرڻ وارن کي عزت نه پئي ڏيئي.

هن سڄي ماجري ۾ هندستان جي پروپيگنڊا ۽ بيوقوفن کي ان وقت شرمندگي ٿي جڏهن پاڪستاني اداڪار شان ٽويٽس تي جواب ڏيندي فوجي لباس ۾ تصوير شيئر ڪئي طنزيه لهجي ۾ چيو ”هيلو.

شان جي ٽويٽس کانپوءِ سوشل ميڊيا تي صارفين ڀارتي آفيسرن کي پاڳل ۽ بيوقوف ڪوٺي رهيا آهن ۽ کل جوڳي واريون ميمز به بڻجي ويون، شان به پنهنجي انسٽا گرام تي شيئر ڪيو جنهن تي شوبز سان واڳيل ماڻهن جي طرفان به تبصرا ڪيا پيا وڃن.