هڪ مهيني اندر دنيا جو ٽيون وڏو هيرو دريافت:هڪ هزار 174 قيراط وزن

0
318

گابارون(دلچسپ نيوز) هڪ مهيني اندر دنيا جو ٽيون وڏو هيرو دريافت،هڪ هزار 174 قيراط وزن رڪارڊ ڪيو ويو، بوٽسوانا دنيا جي 10 وڏن هيرن ۾ 6 وڏا هيرا رکندڙ پهريون نمبر ملڪ بڻجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آفريڪي ملڪ بوٽسوانا ۾ کاڻ کوٽيندڙ هڪ پرڏيهي ڪمپني جي مزدورن کي هڪ وزني هيرو هٿ آيو، کاڻيون کوٽيندڙ ڪينيڊين ڪمپني لوڪارا اهو هٿ آيل هيرو بوٽسوانا جي ڪابينا کي پيش ڪري ڇڏيو آهي، سائز جي حوالي سان اهو هيرو دنيا جو ٽيون وڏو هيرو قرار ڏنو ويو جنهن جو وزن هڪ هزار 174 قيراط رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪمپني جي ڊائريڪٽر نسيم لهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اها اسان ۽ بوٽسوانا لاءِ تاريخ جڙي رهي آهي ته دنيا جا 2 وڏا هيرا هڪ ئي مهيني ۾ هٿ آيا آهن. هن چيو ته پهرين جون تي ساڳئي هنڌان هڪ هزار 198 قيراط جو هيرو هٿ آيو هو جيڪو ٻيو وڏو هيرو قرار ڏنو ويو، واضح رهي ته دنيا جو سڀ کان وڏو هيرو ڏکڻ آفريڪا ۾ 1905 ۾ مليو هو ۽ ان جو وزن 3 هزار 106 قيراط ڄاڻايو ويو هو جڏهن ته هن وقت دنيا ۾ جيڪي 10 هيرا موجود آهن انهن ۾ 6 بوٽسوانا مان هٿ آيا آهن انڪري بوٽسوانا دنيا جو وڏا هيرا رکندڙ پهريون نمبر ملڪ بڻجي ويو آهي.