هڪ قلم هڪڙو مان … ٽماٽو ڀلي پيو خبرون ڪري اوج ٿس

0
169

پاڻ اهڙي ملڪ ۾ رهون ٿا جتي بنيادي سهولتون ته ڇڏيو پر عام واهپي جون شيون ائين رات وچ ۾ وڌي وينديون آھن جو کائڻ وارن هٿ مٿي تي هوندا آھن ، هن وقت برسات ۽ ٻوڏ جي نقصانن بعد  عام طور ڀاڄي جي زينت بڻيل ڀائو ٽماٽو اصل ڳوليو نٿو لڀي عام و خاص ماڻهو جي پهچ کان مٿي ٿي ويو آھي مڙئي اڃا وڌيڪ اگھه وڌڻ جي لالچ ڏئي هڪ قلم هڪڙو مان جي منچ تي گهرائي انٽرويو ڪيو اٿئون  دلچسپ انٽرويو هيٺ پڙهندا،

قلم: ڀائو ٽماٽا ڀلي ڪري آئين صفا ڏسڻ کان مهانگا ٿو ويو آھين؟

ٽماٽو: ڳالھه ٻڌ اهيو ڀائو ڀائو ڪنهن کي پيو چوين ايڏي هجت نه ڪر مسٽر ٽماٽو چوندو ڪر لئي لست ٿا ڏسو ته رشتا ٿا جوڙيو نه ڪڏھن رستي پيو هوندو آھيان لت ڏئي اڳيان نڪري ويندا آھيو مونکي سڀ ياد آھي هاڻ منهنجي چٽڻي ٺاهي کائي ته ڏيکاريو..

قلم: معذرت مسٽر ٽماٽا ڀائو ان ڪري چيم ته مس مس ايڏو  مان مليو اٿئي نه ته پيو ٿهلجندو آھين خير مسٽر ٽماٽا ايڏو مهانگو ٿيڻ تي اوهان کي ڪيتري خوشي ٿي آھي؟

ٽماٽو: ڳالھه ٻڌ منهنجو سدائين اوج آھي اوهان سنڌ وارن وٽ منهنجو قدر ناهي آئون ته سدائين جهازن جا سير ڪندو آھيان هي وڏن ماڻهن جي بنگلن تي ٿلهڙا چشمائي بيڊولا مهانگين چڍين ۾ جيڪي ڏسين ٿو اهي سڀ منهنجي اسپيشل چٽڻي ڪيچ اپ استعمال ڪري وڌيا اٿئي مونکي سدائين مان آھي بس سنڌ ۾ رڳو جانورن ۽ سڃن خاندانن جو کاڄ ٿيان ٿو هاڻ ٺاهين منهنجي چٽڻي ته ڏسان…

قلم: مسٽر ٽماٽا سنڌ وارن تي ايڏو ڇو ڪاوڙيل آھين جڏھن ته تنهنجو هيڏو اوج قيمت به سنڌ ۾ پيدا ٿيڻ ڪري ٿي آھي ائين نه چئو مسٽر ٽماٽا

ٽماٽو: ڳالھه ٻڌ قلم وارا  منهنجا ٻيا ٽماٽا ڀائر ڪڏھن ڏٺا اٿئي  پر تو ڪٿان ڏٺا هوندا سدائين کائين دال سان ماني ههههههه ڀوڳ ڪيو اٿم چڙ ته وڃي چڙ ڇا ڪندين منهنجي چٽڻي ته هاڻ ٺاھ سو جواب اهيو اٿئي ته سنڌ ۾ منهنجو قدر نه اٿئي مونکي پوکيندا تڏھن به ننڍڙين ٻارين ۾ وري چوندا ته نڀاڳو ٽماٽو پوکيو اٿئون رڳو اگھه ٿيس ڪهڙو مونکي ايڪڙن ۾ پوکيو اٿن مڙئي آڳ لاهيندا آھن…

قلم: مسٽر ٽماٽا هاڻ ته ايڏو اگھه اٿئي لازمن توکي سنڌ وارن ايڪڙن ۾ پوکيو اٿن تڏھن ته لئه لست اٿئي

ٽماٽو: ها اها ڳالھه به تنهنجي درست آھي پر مون انهن جي عزت سان گڏ هاڻ وڏو ڌن به ڏياريو آھي هي اهي ويچارا هاري آھن جيڪي پنهنجي گهر جي ڀاڄي لاءِ مونکي پوکيندا آھن سو به هر سال هنن ڪڏھن لالچ ڪونه رکي آھي ٻيا مونکي لالچ سبب پوکيندا آهن هاڻ اهي ٺاهين ته منهنجي ڄٽڻي ڏسان ….

قلم: مسٽر ٽماٽا تنهنجي گهڻي عزت ڪٿي آھي؟ اڄ وانگر سدائين ائين ڪٿي کلندو ٽڙندو آھين؟

ٽماٽو: منهنجي ايران ڀارت افغانستان ۾ وڏي عزت اٿئي پنجاب ۾ به وڏي لئي اٿم سدائين مونکي ڳاڙهو ڏسندين مونکي کائيندا به وڏي احترام سان آھن خبر اٿئي چائنا جپان ۾ مونکي خاص مهمان ڪري گهرائيندا آھن بس پوءِ سڀ هڪ ٻئي کي اڇلائي هڻندا آھن ڏاڍو مزو ايندو اٿم  بس اجهو هاڻ اهي ڏينهن ويجها آھن باقي توهان هاڻ چٽڻي ته ٺاهيو منهنجي ….

قلم : واهه مسٽر ٽماٽا واهه جتي توکي اڇلائي هڻن اها وري تنهنجي عزت ٿي ڏاڍي ٻڌائي تو ٻيو سچ اگھه نه هجي ها تنهنجو ته هن وقت ئي لت هيٺان ڏيان ها ..

ٽماٽو:  هل پل لي لت هيٺان ٿو ڏي هٿ به لائي ڏس هي بندوقن وارا گارڊ منهنجا اٿئي ڪم اهڙو ٿيندي جو ياد ڪندين ڳاڙهو ته اڳ ئي آهيان ويتر مونکي ڪاوڙ ڏياري ڳاڙهو نه ڪر ٻيو توکي ڪهڙي خبر ته ڪهڙا ڪهڙا هٿ مونکي کڻندا آھن هئي هئي جڏھن مونکي اڇلائيندا آھن اهڙن اهڙن هنڌن تي لڳندو آھيان جو مرڳو ڳري پوندو آھيان توکي انهن موجن جي ڪهڙي خبر هاڻ چٽڻي ٺاھ ته خبر پوي…….

قلم: مسٽر ٽماٽا ڀلا عام طور عيد برآت تنهنجو مان ٿيندو هو هي اوچتو ايڏو اگھه ٻڌي توکي ڪيتري خوشي ٿي ؟

ٽماٽو: خوشي ته مونکي سدائين ٿيندي آھي پر هي تبديلي سرڪار جو آئي مونکي اندازو هو ته هي چريو حڪمران آھي ضد تي آيو ته منهنجن ٻين ملڪن ۾ جنم وٺندڙن ٽماٽن ڀائرن کي اچڻ نه ڏيندو منهنجو مان وڌندو پوءِ جن مونکي مڙئي پوکيو مون به گنج ڏياري ڇڏيو اٿمان پيا سال موجون ڪندا مونکي ڏک به ٿئي ٿو غريب غربو شادي غمي ۾ مونکي استعمال ڪري ديڳيون پيا لاهيندا آھن هاڻ ويچارا منهنجي بدران گدامري پيا وجهن اهيو ڏک اٿم پر هاڻ چٽڻي ته ٺاھه منهنجي خبر پونئي…

قلم: ٽماٽا لک قرب ايڏو قيمتي ٿي قيمتي وقت ڏني آخر ۾ ڪو پيغام پڙهندڙن کي ڏي

ٽماٽو: لک قرب قلم وارا بس يار قيمت ڪهڙي وقت ڪهڙو مڙئي توسان ڀوڳ پئي ڪيم بس پيغام اهيو ڏيندس ته وقت حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته آئون اهڙو ميوو آهيان جو هر ڪنهن جي ضرورت آھي گهر جي ڀاڄي هجي يا ڪا خوشي غمي منهنجي هجڻ سان کاڌو سوادي ٿي وڃي ٿو هاڻ اوچتو نه مونکي ايترو مٿي چاڙهيندا ته پوءِ منهنجو ملڻ مشڪل اٿوو جي مليس ته مفت ۾ پيو ملندس نه ته هاڻ منهنجي چٽڻي به ڪير نٿو کائي سگهي سو قلم وارا ڀائو هي معجزا پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندا اٿئي سوچيان پيو جيڪڏھن ڀائو پٽاٽو مهانگو ٿيو ته غريب چٽڻي کائڻ کان ته ويا پوءِ بک مرندا رخي ماني کائيندا …

چڱو هي ٽماٽو قلم وارا رک چٽڻي ڪري کائجان ۽ ياد ڪجان ته مون 100رپئي جي رڳو چٽڻي کاڌي موڪلاڻي ڪانهي مونکي پنجاب جو سفر ڪرڻو آھي سو تڪڙو نڪران ٿو ، باقي خلق في الحال منهنجي چٽڻي جا رڳو خواب ڏسي ههههههههه

دوستو

ٽماٽو صاحب جو خبرون اوهان ٻڌيون

ڀلي پيو خبرون ڪري سندس اوج جو آھي

لک قرب

🙏(فيس بوڪ وال تان ورتل)