اسپين(انٽرسٽنگ نيوز) دنيا ۾ هڪ دلچسپ ٻيٽ اهڙو به آهي جنهن جو ملڪ 6 مهينن کانپوءِ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ٻيو ملڪ مالڪ ٿي ويندو آهي. فيزنٽ ٻيٽ هڪ ننڍو ٻيٽ آهي جيڪو بيداسوا دريا جي ڪناري تي آهي جيڪو فرانس ۽ اسپين وچ ۾ آهي. هن ننڍي ٻيٽ تي ڪوبه ناهي رهندو ڇوته ان تي سبزين کان علاوه ڪا ٻي سهولت موجود نه آهي پر ان جي سياسي ۽ تاريخي اهميت تمام دلچسپ آهي. فرانس ۽ اسپين جي 30 سالن جي جنگ کانپوءِ ان ٻيٽ جي ملڪيت جو معاملو پيش آيو ته ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۽ فوج ان تي ڳالهيون ڪيون، 11 سالن ۾ ڪل 24 اجلاس ٿيا ۽ معاهدو ٿيو ته هي ٻيٽ ٻنهي ملڪن جي ملڪيت ۾ شامل رهندو. پوءِ ايئن ٿيو جو فرانس جي بادشاهه لوئي XIV ماريا ٿريسا سان شادي ڪري ورتي جيڪو اسپين جي بادشاهه فلپ ڇارم جي ڌيءُ هئي. شادي جي ياد ۾ ٻيٽ تي هڪ يادگار تعمير ڪئي وئي ۽ ان کي امن جي علامت قرار ڏنو ويو ۽ فيصلو ٿيو ته ٻيٽ 6 مهينا فرانس ۽ 6 مهينا اسپين جي ملڪيت رهندو.