تائيوان (دلچسپ نيوز) هڪ سال اڳ واهه ۾ ڪريل آئي فون هٿ اچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب تائيوان ۾ چين نالي شهري جو مهانگو آئي فون واهه ۾ ڪري پيو، سال بعد گرمي سبب واهه سڪي وڃڻ سبب آئي فون هٿ اچي ويو. ان حوالي سان شهري چين جو چوڻ هو ته آئي فون واٽرپروف ڪيس ۾ وجهي ڳچي ۾ لٽڪائي ڇڏيو هو. هن ٻڌايو ته گهر ٻاهران واهه وٽان گذري رهيو هئس ته اوچتو آئي فون ڪري پيو ۽ پاڻي ۾ هليو ويو. هن چيو ته مون کياميد نه هئي ته آئي فون واپس ملندو پرصحيح سلامت حالت ۾ هٿ اچي ويو.