ڪنھن ڏاڍو سچ لکيو ھو تھ اسان انسان اھا تخليق آھيون جيڪا پنھنجي مالڪ سان ئي وڙھي پوي ٿي ۽ ھر ان جاءِ کي تھس نھس ڪري ڇڏي ٿي جتي رھائش رکي ٿي … يقين ڪريو ھيءَ ڌرتي انسان کي ايڏي تھ حسين ۽ ايڏي تھ سرسبز ڏني وئي ھئي، جو ھيءَ ڌرتي ڪنھن بھ صحيفي ۾ ڏسيل ڪنھن جنت جو ڏيک ڏيندي ھئي … ۽ پوءِ انسان ئي ھن ڌرتيءَ جي پوري ايڪولاجي برباد ۽ اپ سيٽ ڪري ڇڏي … مون کي ياد آھي بابا کي ٻانھن ۾ گھڙي ٻڌل ڪانھ ھوندي ھئي، پر ھو اسر مھل جڏھن اٿندا ھئا تھ ٻڌائيندا ھئا تھ بابا هاڻ ٽيڙو کڙي بيٺو آھي ۽ سج جو سپاھي تارو سامھون نظري رهيو آھي …ٽيڙو، مان ڀايان، بابا اورين ڪانسٽيليشن کي ۽ سج جو سپاھي تارو وينس کي چوندا ھئا جيڪو صبح ويلي سج اڀرڻ جي نشانيءَ طور اڀري بيھندو آھي. بابا ٻڌائيندو ھو تھ ھو ستارن جي مدد سان پوري رات سفر ڪري پنھنجي منزل تي پھچي سگھي ٿو..

                 مان ٽرين ورڪنگ ۾ رِڻ پٽياڻي اسٽيشن تان گذري جڏھن ڪراچيءَ جي حدن ۾ داخل ٿيندو آھيان تھ نھايت تڪليف وچان ھزارين فيڪٽرين مان دونھين جا ڪڪرَ فضا ۾ حل ٿيندي ڏسندو آھيان ۽ ڌاٻيجيءَ کان گذرندي ئي ساھ کڻڻ واري ھوا جو ذائقو بدلجي وڃي ٿو ۽ ھڪ بدبودار ذائقي واري ھوا لانڍي اسٽيشن تائين گڏ گڏ ھلندي آھي .اسان انسان پنھنجي ڌرتيءُ جي اتر قطب واري پاسي رھون ٿا ۽ دنيا جا اسي سيڪڙو ملڪ ان پاسي آھن ڪجھه ملڪ وچ تي ۽ ڪجھه ملڪ گلوب جي ھيٺين اڌ ۾ آھن، باقي ڌرتيءَ جي ڏکڻ قطب تي رڳو انٽارڪٽيڪا کنڊ آھي جتي ڪجھه آبادي آھي، انھن ۾ گھڻا تڻا ماحولياتي ڪارڪن آھن، جيڪي پنھنجي پنھنجي ملڪن طرفان موسمي ۽ جاگرافيائي ڦيرگھير جي اسٽڊي ڪرڻ اتي آيل ھوندا آھن.

اسان سنڌي ڪارسرا يا سانورا آھيون. اھو ان ڪري جو اسان پنھنجي ڌرتيءَ جي اتر پولَ کان ٿورو ھيٺ تي آھيون … جيڪي اتر پول جي برفاني ماحولَ جي ويجھو رھن ٿا جيئن روس ۽ ڪينيڊا تھ اتان جا رھواسي 95 سيڪڙو ڀوري رنگَ جا آھن. ڇوتھ سج جا ڪرڻا اتر ۽ ڏکڻ پولَ تي سڌا نھ ٿا پون، ان ڪري اتي سردي بھ گھڻي پوندي آھي ۽ فن لينڊ ۽ روس جي سائبيريا پاسي وارن ملڪن ۾ ڇھه مھينا رات ۽ ڇھه مھينا ڏينھن ٿئي ٿو .. سج جي روشني جن ملڪن مٿان سڌي سڌي پوي ٿي انھن ۾ آفريڪا جا تقريبن سڀ ملڪَ اچي وڃن ٿا جنھن جي ڪري اتان جا رهواسي ڪاري رنگ جا آھن ڇوتھ اھي سج جي ڪرڻن جي سِڌَ ۾ رھن ٿا. آسٽريليا بھ ان ئي پاسي اچي ٿو ان ڪري انھن جو رنگ پڪو ڳاڙھسرو ھوندو آھي. هيءَ ڌرتي اسان ڌرتي واسين کي ايڏي ته سهڻي ۽ قدرتي دولتن سان ملامال ملي هئي جو اسان ۽ اسان جا ٻيا جيوَ جنتر هڪ سرسبز ڌرتيءَ جا مالڪ هئاسين ..پر پوءِ ٿيو ايئن جو، انسان جيئن ته بنيادي طور هٻڇي، لالچي ۽ هر قيمتي شيءِ ۾ نظر رکڻ وارو رهيو آهي، تنهن هن ڌرتيءَ جي انچ انچ کي تهس نهس ۽ کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ اسان انسانن جي آبادي اٺن اربن جيتري ٿي چڪي آهي، انسانن ۽ ٻين جيو جنترن جو جيڪو قدرتي تناسب رهڻ گهربو هو، اهو هن انسانَ تهس نهس ڪري ڇڏيو آهي …غير انساني جيو جنتر پنهنجي ڪوٽا جي حساب کان چئوڻ تي ماريا ويا آهن يا انهن کي مليل جهنگلن تي قبضا ڪري اتي ڳوٺ ۽ شهرَ اڏي ڪنڊائتو ڪيو ويو آهي …اڄ اهي جيو جنتر پنهنجي بقا جي خوفناڪ ۽ ڇتي ويڙهه وڙهي رهيا آهن …مگر انسان جي هٻڇ ڌرتيءَ کان ٽپي هاڻي مريخ ۽ چنڊ تي انساني آباديون ٺاهڻ ۾ نظري رهي آهي ..ممڪن آهي ڪو انهن کي انساني ترقيءَ جو معراج چوي پر اهو معراج انسان کي پنهنجي ڌرتيءَ جي سار سنڀال لهي ڪري ماڻڻو هو پر انسان ايئن ڪرڻ ضروري نه سمجهيو ۽ ڌرتيءَ کي ناس ڪرڻ جي جتنن ۾ هن مهل به پوري سچائيء سان لڳو پيو آهي .

هن ڌرتيءَ جي اهميت ڪيتري آهي ان جو هڪ ننڍڙو مثال ڏيان، ناسا جي هبل خلائي دوربينَ هڪ اهڙو سيارو ڳولهي لڌو آهي، جنهن جو نالو انهن Kepler-22b رکيو آهي. اهو سيارو اسان جي ڌرتيءَ کان 600 نوري سال پري پنهنجي سورج چوڌاري 290 ڏينهن ۾ هڪ چڪر پورو ڪري ٿو. جڏهن ته ڌرتي اهو چڪر 365 ڏينهن ۾ پورو ڪري ٿي (روشنيءَ جو ڪرڻو هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ لک ڇهاسي هزار ميل سفر ڪري ٿو ۽ سج جي روشني ان رفتار سان هلندي ساڍن اٺن منٽن ۾ اسان تائين پهچي ٿي) ان سياري جا ڏينهن رات اسان جي ڌرتيءَ جي ڏينهن رات جيان 24 ڪلاڪن جا نه پر 10 ڪلاڪن جا ھوندا آهن جڏهن ته هن جي سائيز ڌرتيءَ کان 2.4 ڀيرا وڊيڪ آهي.

آخر ۾ ويندي ويندي ٻڌائيندو هلان ته اسان جي سهڻي ڌرتي اسان جي پناهه گاهه آهي، جنهن جي حفاظت ۽ ان جو خيال رکڻ اسان تي فرض به ٿئي ٿو ته قرض به ٿئي ٿو. 14 فيبروري 1990ع ۾ ناسا ٻه سيٽلائيٽ خلا ۾ ڇڏيا هئا .. وائجر -1 ۽ وائجر-2 هن مهل اهي ٻي اپگره سورج منڊل جي دائرن مان نڪري ڪائناتي اونداهه ۾ اڻ ڏٺل دنيائن ڏانهن لکين ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڏور ۽ انتر ڏور وڃي رهيا آهن ۽ اڃا تائين ناسا ڏي ڊيٽا اماڻي رهيا آهن. اها ڊيٽا ناسا اسپيس سينٽر تائين پهچڻ ۾ 23 ڪلاڪ وٺي ٿي. وائجر -1 سيٽلائيٽ جڏهن اڻ کٽ ۽ اڻ ڏٺل خلائن حوالي ٿي رهي هو ۽ سورج منڊل کي ڪراس ڪري 6 بلين ڪلوميٽر پري کان ويندي ويندي هن پنهنجي ڌرتيءَ ڏي هڪ الوداعي نهار وڌي ..اها نهار ۽ اهو ڦوٽو انساني تاريخ جو هڪ وڏو سرمايو بڻجي مشهور ٿي ويو. ان نھار بعد وائجر1 ڌرتيءَ کي پنهنجي جيون جو آخري سلام ڪري لامحدود پولارن ۾ الوپ ٿي ويو .. ان تصوير ۾ جيڪا سفيد پٽي ڏسجي ٿي سا سج جي روشني آهي جڏهن ته ان پٽي ۾ ننڍڙي ٽٻڪي جهڙي شي اسان جي ڌرتي آهي جنهن جي ايشيا کنڊ جي هڪ ننڍڙي صوبي سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر سکر ۾ ويٺل مان، هي سٽون، اوهان لاءِ  لکي رهيو آهيان .