دادو: نيب جي ڀيٽ ۾ اينٽي ڪرپشن پاران دادو ضلعي ۾ پبلڪ هيلٿ، ميونسپل، ضلعي ڪائونسل، پراونشنل هاءِ وي، ڊسٽرڪٽ روڊس ۾ ڪيل اربين رپين جي ڪرپشن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ ته تحويل ۾ ورتو، شفاف جاچ نه ڪرڻ توڙي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ سبب اينٽي ڪرپشن جي ساک شديد متاثر ٿي آهي، اينٽي ڪرپشن کاتي ڪيسن ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ ۽ هڪ به ڪيس ۾ ڪرپشن ثابت نه ٿيڻ ڪري اينٽي ڪرپشن اداري تي سوال اٿي رهيا آهن.