ٽينينسي (دلچسپ نيوز) شوقين هڪ ئي ڪمپني جا 7هزار رانديڪا گڏ ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ٽينينسي جي شهري ڊيوڊ ميبين گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائي ورتو آهي.ناڪس ويلي شهر جي رهواسي ڊيوڊ ميبين آمريڪا جي مشهور برانڊ فنڪو پاپ جا رانديگا جمع ڪيا، ڊيوڊ ميبين هرهفتي ان برانڊ جا 20 کان 30 رانديڪا خريد ڪري ٿو، نومبر 2020 ۾ وٽس 7هزار 95 رانديڪا جمع ٿي چڪا هئا جنهن بعد هن گنيز ورلڊ ريڪارڊ ۾ نالو داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي، گنيزورلڊ ريڪارڊ انتظاميا وڊيواسٽريمنگ ذريعي سندس رانديڪا ڏٺا جنهن بعد انتظاميا لاڳيتو 6 مهينن تائين ڪارروائي مڪمل ڪري سندس نالو داخل ڪيو. ڊيوڊ ميبين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هو پنهنجو اهو رڪارڊ ٽوڙي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت وٽس 8 هزار کان وڌيڪ رانديڪا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته هو نئين رڪارڊ لاءِ وري درخواست ڏيندو.