اسلام آباد (: سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو پر کيس بني گالا وڃڻ جي اجازت نه ڏني. خانگي ٽي وي چينل موجب عمران خان ٽي ڀيرا چيف جسٽس کي گھر وڃڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت عدالت عظميٰ عمران خان جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عمران خان اپيل ڪئي ته کيس پنهنجي گهر بني گالا وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي پر عدالت سندس اها اپيل رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو عمران خان جي سيڪيورٽي جو مسئلو آهي، تنهن ڪري عدالت جتي چوندي، کيس اتي رکيو ويندو، عمران خان هاڻ سپريم ڪورٽ جي حفاظت ۾ آهي. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته عمران خان کي پوليس لائنز جي گيسٽ هائوس ۾ رکيو وڃي، ان دوران وڪيلن ۽ مٽن مائٽن کي ملاقات جي اجازت هوندي.عدالت قرار ڏنو ته 10 ماڻهو عمران خان سان ملاقات ۽ مشاورت ڪري سگهندا.