حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر ايم ڪيو ايم ڌڙن جي گڏجڻ تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ جيڪو رشتو جڙيو ان جا تاثرات غمزده آهن، ڇاڪاڻ ته اها مرضي جي شادي نه پر زبردستي جي شادي ڪرائي وئي آهي. حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ ڪارڪنن کي خطاب دوران اسد عمر چيو ته پي ايس پي وارا چوندا هئا ته ايم ڪيو ايم وٽ قاتل آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم وارا چوندا هئا ته فاروق ستار وٽ به قاتل موجود آهن پر اڄ سڀ وري هڪ ٿي ويا آهن. اهڙي قسم جون جبري شاديون رڳو ڪراچي ۾ نه پر پوري پاڪستان ۾ ڪيون پيون وڃن. اهو رڳو عمران خان جو خوف آهي. هن چيو ته پراڻي سياست ڪرڻ وارا ان ڳالهه کي نٿا سمجهن ته پاڪستان هاڻي بدلجي چڪو آهي. اسد عمر چيو ته شهباز شريف کي اڃا تائين سمجهه ۾ نٿو اچي ته کيس وزيراعظم جي ڪرسي تي ڪنهن ڇو ويهاريو آهي. شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله چيو هو ته انهن سيٽون ڳولي ڇڏيون آهن پر سندن غرور مٽي ۾  ملي ويو ۽ تحريڪ انصاف 80 سيڪڙو سيٽون کٽي وئي. هن چيو ته انهن ڪنهن به سرڪاري مشينري جو استعمال ناهي ڪيو. 186 نمبر گهربل هئا. اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ رات جو جڏهن ووٽن جي ڳڻپ ڪئي وئي ته اهي 186 نڪتا.