هڪٻئي تي الزام هڻڻ سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي

0
294
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

جڏهن به ڪنهن مسئلي جو ڪو حل ناهي ڪڍڻو هوندو ته ان جو الزام ٻئي تي هڻي جان ڇڏائبي آهي اهواسان جي سماج جو  هڪ عام رويو آهي جيڪو انفرادي طور اثرانداز ٿيندو آهي پر جڏهن حڪومتون پنهنجا معاملا انهي رويي سان هلائڻ شروع ڪن ته نه رڳو مسئلا وڌيڪ خراب ٿيندا آهن پر انهن جو سڌو سنئون اثر عام ماڻهو تي پوندو آهي ۽ اهو ئي نقصان ڀوڳيندو رهندو آهي. وفاق ۽ سنڌ ۾ الڳ الڳ حڪومتون هئڻ ڪري پوين ٽن سالن کان هر مسئلي تي ٻئي حڪومتون هڪٻئي تي الزام هڻنديون رهيون آهن اهو ڪورونا جي وبا دوران لاڪڊائون وارو مسئلو هجي يا ملڪي زراعت تي ماڪڙ جو  حملو يا وري سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي ڪُوشش هر مسئلي جو ذميوار هڪ حڪومت ٻي کي قرار ڏيندي رهي آهي.

ايستائين جو ڪتن جي چڪ کان بچاءُ واريون ويڪسين نه ملڻ تي به ٻئي حڪومتون آمهون سامهون هيون، هڪٻئي تي ناڪامي جا الزام پئي لڳايا ۽ پاڻ کي آجو پئي ڪيو پر ڪڏهن به گڏجي انهي مسئلي جو ڪو حل ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ارڙهين ترميم کانپوءِ اختيار صوبن کي  منتقل ٿيا آهن ته جتي وفاق پهچي نه پئي سگهيو ته اتي اهو مسئلو صوبائي قرار ڏئي پنهنجي جان  ڇڏائيندو رهيو ۽ جتي صوبي جو حق پئي ٿيو اتي وري وفاق ان جو حصو ڏيڻ کان انڪار ڪري بيهي ٿي رهيو، جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال اين ايف سي ۾ سنڌ کي پنهنجو حصو پورو نه ملڻ آهي يا وري سنڌ جي جناح اسپتال توڙي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي ڪوشش هئي جيڪي آئيني طور سنڌ جي ملڪيت آهن.

هاڻي وري جڏهن ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ۽ ان هر ماڻهو کي پريشان ڪرڻ شروع ڪيو آهي جنهن تي حڪمرانن تي سوال اٿڻ شروع ٿيا آهن ته ٻنهي حڪومتن پاڻ کي بچائڻ لاءِ ٻئي تي الزام هڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن. وفاقي حڪومت مهانگائي جو ذميوار سنڌ جي وڏي وزير کي قرار ڏئي سنڌ ۾ مهانگائي ۽ 16لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.وفاقي ڪابينا ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت ڪڻڪ ۽ کنڊ جاري ڪرڻ لاءِ چيو پر سنڌ حڪومت ان تي عمل نه ڪيو جنهن ڪري مهانگائي وڌي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ان تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪڏهن به نه چيو آهي ته ڪو 16 لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿي آهي، اسان رڳو ٻارنهن لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي جڏهن ته پنجاب ضرورت کان وڌيڪ ڪڻڪ پيدا ڪندڙ صوبو آهي اتي ڪڻڪ لهڻ جي مهيني اندر بحران ڪيئن ٿيو؟ٻنهي حڪومتن جا الزام پنهنجي پنهنجي حصي جو سچ ڳالهائڻ واري ڳالهه وانگر آهن،

ڇاڪاڻ ته مهانگائي تي ڪنٽرول واقعي ئي صوبن جي اختيار ۾ اچي ٿو پر انهي مهانگائي جو سبب اهي پاليسيون آهن جيڪي وفاقي حڪومت مرتب ڪري ٿي.جيڪڏهن پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي ته صوبائي حڪومت ڪيئن ته انهي مهانگائي تي قابو ڪري سگهندي؟ جيڪڏهن بجلي جون قيمتون وڌنديون ته انهي سان جيڪو مهانگائي تي اثر ٿيندو اهو ڪا به صوبائي حڪومت ختم نه ٿي ڪري سگهي. باقي ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ذخيره اندوزي خلاف صوبائي حڪومت ايڪشن کڻي سگهي ٿي ته جيئن مارڪيٽ ۾ انهن شين جي کوٽ پيدا نه ٿئي اهو رڳو سنڌ حڪومت جو مسئلو ناهي انهي ۾ چئني صوبن جون حڪومتون ذميوار آهن. ٻي جيڪا اهم ڳالهه رڳو مهانگائي ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪري نه ٿي آهي ڪهڙي شيءَ آهي جنهن جي قيمتن ۾ گذريل ٽن سالن ۾ واڌارو ناهي ٿيو اهو سڀڪجهه ملڪي معيشت سان ڳنڍيل آهي ان کي رڳو ڪنهن هڪ صوبي تي الزام هڻي وفاقي حڪومت پنهنجي جان نه ٿي ڇڏائي سگهي نه ئي ڪير انهي تي اعتبار ڪندو.

اسان سمجهون ٿا ڀلي کڻي وفاق ۽ صوبي ۾ الڳ الڳ پارٽين جون حڪومتون هجن پر انهن جو پهريون ڪم عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ انهن جي زندگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ آهي ۽ جيستائين ٻئي حڪومتون هڪٻئي تي الزام هڻڻ بدران گڏ ويهي ڪو مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نه سوچينديون ۽ هڪٻئي سان سهڪار نه ڪنديون تيستائين نه مهانگائي گهٽ ٿيندي ۽ نه ئي عوام جي زندگي ۾ ڪا آساني ۽ سهولت پيدا ٿيندي.