شاهپورچاڪر (رپورٽ: ذوالفقار ڏاهري) شاهپور چاڪر ۾ حر جماعت جي ٻن ڀائرن جو خليفن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج، خليفي ۽ نائب خليفي تي تشدد ۽ هٿ بند ڪرائڻ جو الزام، سندن چوڻ آهي ته هٿ بندي جو بهانو بڻائي مسجد ۾ نماز پڙهڻ کان به روڪيو ويو آهي، پير پاڳارو نوٽيس وٺي، شاهپور چاڪر ۾ يوسي عظيم آباد جي ڳوٺ منٺار فقير ماري جي رهواسي ٻن حر حماعت جي ڀائرن خالد حسين ماري ۽ الھداد ماري هتي احتجاج ڪندي چيو ته هٿ بندي سبب کين نماز پڙهڻ کان روڪي مسجد مان نيڪالي ڏني وئي، هنن الزام مڙھيو ته چوڪي شھدادپور جي نائب خليفي در محمد ماري جماعت کي چيو آھي ته اسان جو هٿ بند آھي ان ڪري ڪير به هنن کي دعوت ۾ شريڪ نه ڪري، هنن چيو ته نائب خليفي اسان کي مسجد ۾ داخل ٿيڻ ۽ نماز پڙهڻ کان به روڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻي عبادت ڪرڻ به نٿي ڏني وڃي، هنن چيو ته حر جماعت جي اصولن موجب ڪنهن جماعتي جو هٿ بند هوندو آهي ته ان جو خط لکي اطلاع ڪيو ويندو آهي پر اسان جي معاملي ۾ اين ناهي ڪيو ويو، هنن چيو ته اسان نائب خليفي وٽ وياسينته هٿ بندي جو خط ڏيکاريو ته هن اسان کي خط ڏيکارڻ بدران اسان کي ڌڪ ڏئي ڪڍرائي ڇڏيو ۽ ٻئي ڏينهن پوليس گهرائي اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪرائي، هنن چيو ته چوڪي شھدادپور جي خليفي غلام حيدر عرف دودو انڙ وٽ فيصلو رکيو ويو، جتي اسان وياسين ته نائب خليفي در محمد ماري اسان تي تشدد ڪيو، خليفي غلام حيدر انڙ هٿ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي پنهنجي اوطاق تان ڪڍي ڇڏيو، جڏھن اسان ميڊيا ۾ دانهيو ته خليفي غلام حيدر انڙ ترديد ڪندي چيو ته هن ڪو به تشدد ناهي ڪيو، ڌريون فيصلا ڪاميٽي ۾ وڃن، هنن جو فيصلو اتي يا چيف خليفي وٽ ٿيندو، هنن ٻڌايو ته هڪ مهيني کان پوءِ چيو ويو ته درگاهه کان خط آيو آھي، اوهان جو هٿ بند آھي پر هن وقت تائين اهو خط ڪنهن کي به ڏيکاريو نه پيو وڃي، هنن چيو ته حر جماعت جي اصلو موجب درگاهه شريف تان جيڪو به خط ايندو آھي، ان جون ڪاپيون جماعت ۾ ورهايون وينديون آھن، پر اسان کي اسرار جي باوجود اهو خط ناهي ملي سگهيو، هنن چيو ته نائب خليفي در محمد ماري ذهني ٽارچر ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، هنن پنهنجي مرشد پير سائين پاڳاري کي اپيل ڪئي ته هو نوٽيس وٺي معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي پوءِ جيڪو به ڏوهي نڪري ان خلاف ڀلي ڪارروائي ڪئي وڃي.