هٿيارن جي اسمگلنگ، قبائلي جهيڙن ۽ ڌاڙيلن جو ٽڪنڊو

0
176
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ هن وقت ڪيترن ئي عذابن کي منهن ڏئي رهي آهي، هڪ طرف برساتي ٻوڏ اڌ کان وڌيڪ سنڌ جو انفرااسٽرڪچر تباهه ڪري ڇڏيو آهي ته مٿان وري ڌاڙيلن جي ڪاررواين ۽ قبائلي جهيڙن سبب ڪجهه ضلعن جي زندگي ۽ وهنوار ڄڻ مفلوج بڻجي ويو آهي.هر ڏوهه پٺيان ڪانه ڪا ڪهاڻي هوندي آهي ۽ انهي ڪهاڻي جا تخليقڪار به هوندا آهن .ايئن ئي ڌاڙيلن جي سرگرمين ۽ قبائلي جهيڙن جي پٺيان به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن جن جا تخليقار پنهنجي  ٿوري فائدي لاءِ عام ماڻهن توڙي پوليس جي زندگين سان کيڏڻ کان نه ٿاڪيٻائين.ڪالهوڪي روزاني “پنهنجي اخبار” ۾ ٻه خبرون لڳل آهن توڙي جو اهي ٻئي خبرون مختلف آهن پر انهن جو ڳانڍاپو ايئن آهي ته اهي مختلف هوندي به هڪٻئي کان جدا يا الڳ نه آهن،جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ امن امان جون ذميوار ڌريون انهن ٻنهي خبرن جو سنجيدگي سان ڇيد ڪن ته شايد ڌاڙيلن ،قبائلي جهيڙن ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ واري ٽڪنڊي کي ٽوڙي ڏوهي سرگرمين کي وڏي پئماني تي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن،پر خبر ناهي ڇو  سنڌ حڪومت ،پوليس لڳاتار اهڙيون وارداتون ڏسندي به سنجيده قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن،اهو اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ته اهي ئي ڏئي سگهن ٿا.

ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ڪاررواين ۾ پنج پوليس اهلڪار شهيد ٿي وياڇ، ٻه ڏينهن اڳ شڪارپور جي رستم ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا آهن جنهن کي قبائلي تڪرار جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي. شڪارپور، گهوٽڪي خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ اتر سنڌ سڏجندڙ جا ٻيا ضلعا انهن ٻنهي ناسورن ڌاڙيل ڪلچر ۽ قبائلي جهيڙن ۾ ورتل آهن ۽ ايئن لڳندو آهي ته قبائلي جهيڙا ۽ ڌاڙيل ڪلچر ڄڻ هڪٻئي سان ڳنديل آهن جن ضلعن ۾ قبائلي جهيڙا ٿين ٿا اتي ئي ڌاڙيلن جون نرسريون پيدا ٿين ٿيون يا جتي ڌاڙيل آهن اتي ئي قبائلي جهيڙا ٿي رهيا آهن.مٿي جن ٻن خبرن جو ذڪر ڪيو ويو انهن مان هڪ ته ڪارنهن الزام ۾ رستم ويجهو ٻن ڌرين جي جهيڙي جي آهي جنهن ۾ چار ماڻهو پنهنجون حياتيون  وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته ٻي خبر سنڌ ۾ موتمار هٿيار پهچڻ بابت آهي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ غير قانوني هٿيار ڪي پي مان پهچن ٿا جن جي اسمگلنگ ۾ سنڌ ۾ موجود هٿيارن جا دڪاندار ۽ سيڪيورٽي ڪمپنيون ملوث آهن.سي ٽي ڊي پوليس هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ ملوث چئن جوابدارن کي به گرفتار ڪيو آهي.اها ڪا لڪل ڳالهه ناهي ته قبائلي جهيڙن ۾ ورتل ضلعن ۾ اهڙا جديد هٿيار ملن ٿا جيڪي پوليس وٽ به ناهن يا وري ڌاڙيلن تائين به اهڙن جديد هٿيارن جي آساني سان پهچ ٿئي ٿي. ظاهر آهي انهن هٿيارن جي اهڙن علائقن تائين  فراهمي پوليس ،قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ هٿيارن جي ڊيلرن جي ملوث هجڻ کانسواءِ نه ٿي ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته هر هنڌ چيڪ پوسٽون هجڻ ۽ ٻه صوبائي سرحدون لتاڙڻ کانپوءِ اهي هٿيار سنڌ پهچن ٿا ته پوءِ انهن جي واٽ تي پڪڙ ڪيئن ممڪن نه ٿي ٿي سگهي.انهن هٿيارن جي آساني سان فراهمي سبب ئي ڏوهاري وارداتون به وڌن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ڏوهاري گروهن وٽ اهي جديد هٿيار هجڻ سبب اهي ڪنهن به ڪارروائي ڪرڻ کان نه ٿا ڪيٻائين.اها هڪڙي گينگ آهي جيڪا هٿيارن جي ڪاروبار کان وٺي قبائلي جهيڙن جي واڌ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن ڪري نه هٿيارن جي اسمگلنگ ٿي رڪجي ،نه قبائلي جهيڙا ٿا ختم ٿين ۽ نه ئي وري ڌاڙيلن جو خاتمو ٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته انهي گينگ جو  انهي سان ڪاروبار ٿو هلي.

اسان سمجهون ٿا ته انهن جهيڙن ۽ ڌاڙيلن جي خاتمي کانسوا سنڌ ۽ خاص ڪري انهن ضلعن جي اڳتي وڌڻ جو ڪو امڪان ناهي ڇاڪاڻ ته قبائلي جهيڙن ۽ ڌاڙيلن جي ڪاررواين سبب اتي تعليم صحت ۽ ٻيون ڪاروباري سرگرميون ۽ زندگي جو  ڪاروهنوار مفلوج ٿئي ٿو،تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته قبائلي جهيڙن جي خاتمي لا۽ ڪوششون وٺي ۽ ڌاڙيلن خلاف جيڪو آپريشن جو اعلان ڪيو ويو آهي ان کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي جي حڪومتن سان رابطا ڪاري کي مضبوط ڪري جنهن سان ئي سنڌ ۾ امن ممڪن ٿيندو ۽ ڏوهاري سرگرمين کي روڪي سگهبو.