ڳڙهي ياسين: مارجي ويل لقمان عيساڻي جي زال مسمات زادي ٻڌايو ته 10 مھينا اڳ شھزادي واري ڌر جي ھٿياربندن اسان جي گھرن مٿان حملو ڪري نوجوان پٽ سليمان عيساڻي کي قتل ڪيو ھو، ڪالهه وري ھنن اسان جي 2 سئو جريبن جي رکيل ڪڻڪ جي ديرن کي باهه ڏئي ساڙڻ بعد فائرنگ ڪري مڙس کي بيگناهه قتل ڪيو آهي، مقتول وزير عيساڻي جي ڀيڻ مسمات رحمت خاتون چيو ته شھزادي واري ڌر اسان جي ڳوٺ مٿان حملو ڪري منھنجي ڀاءُ ۽ چاچي کي قتل ڪيو، هن چيو ته پوليس واقعي ۾ ملوث هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي،