سکر: پوليس ذريعن موجب صوبدار ۽ شاهنواز خروس جتوئي جي ڌرين ۾ پراڻو زميني ۽ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هيو، جنھن جي نتيجي ۾ صوبدار جتوئي جو ڀائيٽو ملوڪ جتوئي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو. ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. جنهن جي پلاند ۾ صوبدار جتوئي جي ڌر شاهنواز جتوئي ڌر تي حملو ڪري ٽن عورتن، ٻن ٻارڙن کي قتل ڪري ڇڏيو. حملي ۾ راڪيٽ لانچر جو به استعمال ڪيو ويو. جڏهن ته زخمين مان ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هڪ عورت مسمات پرويزان جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.