لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) هٿراڌو ذهانت ٽيڪنالاجي جي نظر ۾ مثالي عورت ۽ مرد ڪهڙا آهن؟ هي اهو سوال آهي جيڪو هڪ تحقيق دوران مختلف اي آءِ اميج جنريٽرز کان پڇيو ويو جنهن جا حيران ڪندڙ نتيجا نڪتا. بليميا پراجيڪٽ جي تحقيق ۾ اميج جنريٽر ڊي اِي 2، اسٽيبل ڊفيوزن ۽ مڊجرني کي مثالي مردن ۽ عورتن جون تصويرون تيار ڪرڻ جو چيو ويو. جنهن تي آرٽيفيشل انٽيليجنس وارن سوشل ميڊيا جي عورتن جي تصويرن کي تمام سنهو ڪري ڏيکاريو ويو جڏهن ته مردن جي تصويرن کي باڊي بلڊر جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو. انٽرنيٽ تصويرن ۾ ڪجهه حقيقي تصويرون ٺاهيون ويون.