حيدرآباد( بيورو رپورٽ) هٽڙي جي علائقي ڀينس ڪالوني موڙ وٽ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو اطلاع تي پوليس پهچي زخمي کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جي سڃاڻپ علي محمد ابڙو جي نالي سان ٿي آهي جيڪو مال جي واڙي تي مزدوري ڪري ٿو پوليس موجب ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي پر هو معاملي جي جاچ پيا ڪن.