حيدرآباد( بيورو رپورٽ) هوسڙي  ۽ هٽڙي پوليس پاران مقابلي ۾ 3 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي . ان ڏس ۾ هوسڙي پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهارين بشير مڱڻهار ۽ غلام علي عرف ناٿو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي, ايس ايڇ او هوسڙي نيڪ محمد کوسو موجب ته زخمي جوابدار بشير منڱڻهار جو تعلق نوشهرو فيروز ۽ غلام علي عرف ناٿو جو تعلق نوابشاه سان آهي سندن قبضي مان 2 ٽي ٽي پستول مليا آهن جن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ايس ايڇ او موجب ٽنڊو محمد خان روڊ باگڙي موري ڀرسان ڏوه جي ارادي بيٺل 3 شڪي ماڻهن کي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ 2 ڏوهاري زخمي ٿيا سندن هڪ ساٿي فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن جو ڏوهي رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن هٽڙي پوليس موجب ته ڳوٺ شير محمد گوپانگ وٽ موٽرسائيڪل تي سوار ٻن شڪي ماڻهن سان مقابلي ۾ جوابدار فدا حسين عرف فدو گوپانگ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي ٽي پستول هٿ ڪيو آهي جڏهن ته سندس ساٿي موٽرسائيڪل فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي پوليس موجب زخمي جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.