هي ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي!

0
189
مهانگائي ۽ غربت زندگين جو خراج وٺڻ لڳي آهي

توڙي جو هن ملڪ جا حڪمران اقتدار جي مسند تائين پهچڻ لاءِ ووٽ ته عوام کان وٺن ٿا پر پر فرمائشون عالمي مالياتي ادارن جون پوريون ڪندي، عوام جي لڱن تي سگهي اڳڙي به نٿا ڇڏين. هن ڀيري به عالمي مالياتي اداري جي فرمائشن جي قطار لڳل آهي، هڪ فرمائش، جيڪا عوام جي ڪنڌ تي ڪاتيءَ مثل آهي، اها اڃان پوري مس ٿي ٿئي ته ٻي فرمائش جي ٻلي ڳوٿريءَ مان نڪريو اچي، ۽ اسان جا حڪمران، ڪنھن مطيع وانگر “حاضر، منهنجا آقا” چئي اها فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ مالي بار عوام تي منتقل ڪريو ڇڏين. هڪ طرف ڊالر جي اوچي اڏام جاري آهي ته ٻئي پاسي شايد حڪمرانن کي عوام جي ساهه کڻڻ تي ٽيڪس هڻڻ جو وجهه ملي تھ شايد اھو بھ ھڻي ڇڏين. اڃان هڪ ڏينهن اڳ تيل جي قيمتن ۾ 5 کان 13 روپين جي واڌ وارو پيٽرول بم ڪيرائڻ کان پوءِ، بجليءَ جا اگهه وڌائي رهيا آهن. حڪومت بجليءَ تي في يونٽ سرچارج 3 روپيا، 56 پئسا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان واهپيدارن تي 335 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.

جڳ جهان ۾ شايد ئي ڪڏهن عوام سان اھڙي ٿي هجي، جهڙي اسان سان اسان جا پنهنجا حڪمران ڪري رهيا آهن. عالمي مالياتي ادارن جي هر فرمائش جي ڇري عوام تي وهائي پئي وڃي. لڳي ائين ٿو، ڄڻ حڪمرانن جي اها مجبوري نه پر “شوق ۽ شغل” هجي. اهي عالمي مالياتي اداري جي ڪنهن به فرمائش تي ٻڙڪ ٻولڻ ته پري جي ڳالهه، ڪنڌ نهڪر ۾ ڌوڻڻ لاءِ بھ تيار نه آهن. ان ڪري ئي اهو عالمي ادارو پنهنجون فرمائشون ڏينھون ڏينھن وڌائيندو پيو وڃي. ان جي نئين فرمائش اها آهي ته 30 جون تائين 6 ارب ڊالرن جي فنانسنگ ڪندڙ ملڪن جي لکت ۾ خاطري ڪرائي وڃي. حڪمران هر فرمائش تي اهو “راءُ” ريجهائڻ جي ڊوڙ ۾ لڳل آهن. رڳو “ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان” جي تنوار اٿن. جواز اهو ته ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻو آهي. عوام جو ڪنهن کي به احساس ڪونهي، هر ڪو اقتدار جي مومل ماڻڻ لاءِ جنگ ۾ جنبيل آهي. انهن کي به مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ عوام جو احساس ناهي، جيڪي اقتدار جي مسند ماڻڻ کان اڳ مهانگائيءَ جي خلاف مارچ ڪري رهيا هئا. پ پ پ هن وقت اتحادي حڪومت ۾ شامل ۽ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي، جنهن مهانگائيءَ خلاف مارچ ڪيو هو، پر اها جماعت به خاموش آهي. سڀ هن وقت لاتعلق بڻيل آهن، ايتري قدر جو وزيراعظم جي جماعت جي نائب صدر مريم نواز به ان جي حڪمرانيءَ کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪري چڪي آهي، اهڙي صورتحال ۾ “هي ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي؟!”

حڪمرانن جو چوڻ آھي تھ ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائڻو آھي، پر ھتي سڀ کان اھم سوال اھو آھي تھ ملڪ کي ان حد تائين ڪنھن پھچايو؟ انھن کي ايڏو وڏو ڏوھھ ڇو پيو ڦٻندو وڃي؟ عوام کي سچ ڇو نٿو ٻڌايو وڃي؟ عوام جي قوتِ خريد ختم ٿي چڪي آھي، ماڻھو فاقھ ڪشيءَ تي مجبور آھن ۽ انتظامي بدحواسي ايتري، جو حڪمرانن کي بھ ڪا واٽ نٿي سجھي، سواءِ ھر کوٽ ۽ خسارو عوام مان پوري ڪرڻ جي. حڪمرانن وٽ ڪابھ معاشي رٿابندي نھ آھي تھ ان ڌٻڻ مان ملڪ کي ڪيئن ڪڍجي! ڳالھھ صرف تيل، بجليءَ جي اگھن ۾ واڌ جي ئي نھ آھي، ان جو تھ سڌو واھپيدارن تي اثر پوندو، پر معاملو صرف ايستائين ئي محدود نھ آھي، حقيقت اھا آھي تھ جڏھن بھ تيل، گئس ۽ بجليءَ جي قيمت وڌندي آھي تھ ھر شئي جي قيمت وڌي ويندي آھي. حڪومت بھ ٽئڪس مان ڪسر پوري ڪريو وٺي، واپاري بھ تِرن جو تيل تِرن مان ڪڍيو وٺن، باقي عوام جو ڪنھن کي بھ احساس نھ آھي. اڳ ئي عالمي مالياتي اداري جي فرمائش تي مھانگائي ڪري عوام جي جيئڻ جا گس بند ڪيا ويا آھن، ويتر تيل ۽ بجليءَ جي اگھن ۾ واڌ ڪري زندگيءَ کي وڌيڪ مشڪل ڪيو ويو آھي، ايترو مشڪل، جو زندگيءَ جي اذيت موت کان  بھ سرس ۽ سوائي ٿي وئي آھي. ماڻھو زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيئي رھيا آھن. خودڪشين جو رجحان خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آھي.

عوام جي زندگي زھر ڪرڻ لاءِ شايد ئي ڪو اھڙو قدم ھجي، جيڪو حڪمرانن نھ کنيو ھجي. روز نئون ستم آزمايو پيو وڃي. عوام کي صرف ووٽ ڏيڻ جي مشين سمجھيو ويو آھي. حڪمرانن کي ھوش کان ڪم وٺڻ گھرجي. عوام مان ھر کوٽ ۽ خسارو پوري ڪرڻ جي روش ترڪ ڪئي وڃي. حڪمرانن کي اھو نھ وسارڻ گھرجي تھ، عوام جي ٻانھن ۾ ڇَٽَ، پَٽَن سان ھڻڻ جيترو ٻَل اڄ بھ موجود آھي، رڳو چڻنگن مان ڀنڀٽ ڀڙڪائڻ واري آرٽ کان آشنا قيادت جي ضرورت آھي.