هي سياسي پارٽيون آهن يا لشڪر؟

0
142
هي سياسي پارٽيون آهن يا لشڪر؟

 هن ملڪ ۾ اڪثريتي حڪمران طبقي جون پارٽيون، جن کي عرفِ عام ۾ سياسي پارٽيون چيو ٿو وڃي، ڇا انهن کي سياسي پارٽيون چئي ٿو سگھجي؟ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي تشريح يا جوڙجڪ کي سمجھڻ ڪيترو ڏکيو آهي؟ پر اڄ جي دور ۾ سياسي پارٽيءَ جي تشريح تمام گھڻن ماڻهن جي لاءِ تمام سولي ۽ آسان پڻ آهي، ڇو ته ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي جوڙجڪ جو بنياد ان تي هوندو آهي ته عوام جي سياسي ۽ معاشي حقن جي حاصلات سان گڏوگڏ عوام جو اقتدار اعليٰ قائم ڪجي،

                 جنهن کي اسان جمهوريت چئون ٿا پر ان ۾ هڪ پهلو ٻيو به شامل آهي ته ڪي کاٻي ڌر سان ۽ خاص ڪري ڪميونسٽ نظرئي سان تعلق رکندڙ سياسي پارٽيون عوام جي معاشي ۽ سياسي حقن جي لاءِ جدوجهد ته ڪنديون آهن پر اهي طبقاتي سماج جي جمهوري نظام کي “بورجوا ڊيموڪريسي” سڏينديون آهن، تنهن ڪري انهن جي گھڻي تفصيل ۾ پاڻ نٿا وڃون، ڇو ته ان سان مضمون جي اندر وڌيڪ طوالت اچي ويندي. پر جمهوري معاشرن جي اندر تمام سياسي پارٽيون پنهنجي ڪمپوزيشن يعني جوڙجڪ ۾ خود پارٽيءَ جي اندر جمهوري اصول کي بنياد سمجھنديون آهن ۽ پارٽيون سال يا ٻن کان پوءِ پنهنجي پارٽي اليڪشن جي عمل کي تمام گھڻو کليو ۽ شفاف رکندي اڳتي وڌنديون آهن.

جڏهن ڪا پارٽي جمهوري پراسس پنهنجي پارٽي جي فريم جي اندر رکي ٿي ته اها پارٽي ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن خاندان جي گرفت ۾ نٿي رهي سگھي. ها، جيڪڏهن ڪو خاندان تمام گھڻي سياسي شعور يا قربانين سان پارٽيءَ سان ساٿ نڀائي ٿو ته پارٽي انهيءَ جو قدر ڪندي چونڊ عمل ۾ ان کي اڳتي آڻي ٿي ۽ ڪجھ وقت گذرڻ کان پوءِ ڪيترو به بااثر خاندان مستقل بنيادن تي پارٽيءَ جي اندر پنهنجو ڪنٽرول نٿو رکي سگھي.

اهوئي سبب آهي جو انهن جمهوري عمل مان گذريندڙ پارٽين جي اندر ڪرپشن، اقرباپروري يا ذاتي گروھ بندي گھڻو وقت نه رهي سگھي ٿي ۽ نه نظر اچي ٿي. اهوئي عمل وڌندي ملڪ جي جمهوري نظام ۾ پنهنجو جمهوري ڪردار ادا ڪندي پارٽيون رياست جي اندر جمهوريت کي مضبوط کان مضبوط ڪندي اڳتي وڌن ٿيون ۽ ان ئي عمل سان عوام جي اندر هڪ مستقل مزاجي، حب الوطني پيدا ٿيندي ۽ بي چينيءَ کان نجات ملندي محسوس ٿئي ٿي. ڀلي طبقاتي سماج جي اندر معاشي لوڏا اچن پر مضبوط جمهوري نظام ۽ پارٽيون انهن بحرانن کي منهن ڏيندي تاريخ جي سفر ۾ اڳتي وڌي ٿا وڃن پر جتي پارٽيون پاڻ کي جمهوري پارٽيون ته چَوِرائين پر انهن جي اندر ڪنهن به قسم جو جمهوري ڪلچر، پري پري تائين نظر نه اچي، ليڊرشپ جي گرفت طاقتور کان طاقتور انداز ۾ هجي،

اهڙي جماعت کي ڪنهن به صورت ۾ جمهوري پارٽي نٿو چئي سگھجي، نه وري اهڙي قسم جي پارٽي ملڪي نظام جي اندر جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ سنجيده نظر ايندي. اهڙيون پارٽيون معاشري جي اندر سماجي ۽ معاشي حالتن جي ابتريءَ جو فائدو وٺندي من موهيندڙ نعرا ڏيڻ سان گڏوگڏ مخالف جماعتن جي لاءِ (يعني هڪ ٻئي جي خلاف) صرف ۽ صرف الزامن جي ڀرمار ڪنديون آهن ۽ انهن الزامن ۾ گھڻي ڀاڱي تنقيد ليڊرشپ تي ڪئي ويندي آهي، ڇو ته ليڊرشپ تي تنقيد جو فائدو تنقيد ڪندڙ ليڊر کي ملندو آهي. هڪ جو ڪردار برو ۽ پنهنجو ڪردار مٿانهون ۽ بهتر، تنهن ڪري انهن جي پوري اها ڪوشش هوندي آهي ته پارٽيءَ کي طاقتور ڪرڻ بجاءِ ۽ ان ۾ جمهوريت جو روح ڦوڪڻ بجاءِ صرف عظيم ۽ ڪرشماتي ليڊرشپ کي اڀارڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي اڳتي وڌندو رهجي.

هن وقت پاڪستان جي اندر حڪومت ۽ اپوزيشن جي اندر پارٽين جي ٽڪراءَ ۾ جيڪا به تنقيد ڪئي ٿي وڃي ۽ جيڪا به ڪردار ڪشي ڪئي ٿي وڃي، ٻنهي طرفان صرف ۽ صرف ليڊرشپ تي تنقيد ڪئي ٿي وڃي. ڪا به پارٽي ٻي پارٽيءَ جي منشور تي تنقيد ڪندي پنهنجي منشور کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر نه ايندي ۽ نه ڪا پارٽي اها تنقيد ڪندي ته فلاڻي پارٽيءَ جي اندر پارٽي جمهوريت نالي ڪجھ به نه آهي. نالي ماتر جيڪي به پارٽين جي اندر چونڊون ڪرايون ٿيون وڃن، اهي صرف ۽ صرف پنهنجي اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽريشن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ٽوپي ڊراما ڪيا ويندا آهن.

مثال، آمريڪا جي اندر جڏهن به ڪنهن پارٽيءَ جي ليڊر جي، يعني صدارتي اميدوار جي چونڊ ٿيندي آهي ته ان جي نامزدگي پارٽيءَ جو هيٺانهون يا مٿانهون ادارو ناهي ڪندو پر پارٽيءَ جي اندر ان جي پوري چونڊ ٿيندي آهي ۽ چونڊ جو اهو عمل تمام گھڻو شفاف هوندو آهي. ائين ناهي ٿيندو ته ڪو سينيئر اڳواڻ يا قائد يا پارٽيءَ جو مٿانهون ادارو ڪنهن نالي جي نامزدگي ڪري ڇڏي. هتي معاملو بلڪل ابتڙ ۽ عجيب صورتحال ۾ هي آهي ته مٿانهين عهدي کان هيٺ عهدن تائين نامزدگي پارٽيءَ جو اڳواڻ يعني ليڊر ڪندو آهي ۽ جڏهن ان کي وڻندو آهي ته ان کي يعني عهديدار کي هٽائي ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح سان ايم پي اي، ايم اين اي جي چونڊن کان وٺي سينيٽ جي چونڊن تائين تمام اختيار پارٽي ليڊر کي ئي مليل هوندا آهن ۽ اهو ڪلچر يا طريقيڪار سڀني پارٽين ۾ تقريبن هڪ جهڙو ئي آهي،

سواءِ ڪنهن هڪ اڌ پارٽيءَ جي. تنهن ڪري اهي پارٽيون پنهنجي ڪمپوزيشن، فطرت ۽ مزاج ۾ نه جمهوري پارٽيون آهن، نه چَوِرائي سگھن ٿيون. اهي پارٽين جي نالي تي هڪ اهڙو گروھ يا انبوھ آهي، جئين قديم زماني ۾ حڪومتن کي بچائڻ يا حاصل ڪرڻ جي لاءِ لشڪر ٺاهيو ويندو هو ۽ اهو لشڪر حملو ڪري حڪومت حاصل ڪندو هو ۽ ان هڪ لشڪر جو مقابلو وري ٻيو لشڪر ڪندو هو.

پوءِ جيڪو ڪامياب ٿئي، اهوئي حڪومت ڪندي بادشاهيءَ جو تاج پائيندو هو. ملڪ جي اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر پنهنجي سلطنت ۾ وڌيڪ علائقا شامل ڪرڻ جي لاءِ اهي لشڪري حملا ٿيندا هئا. ان وقت به هڪ بادشاھ عوام ۾ پنهنجي مڃتا ۽ حيثيت يا مقبوليت وڌائڻ جي لاءِ مخالف بادشاھ جي مخالفت ۽ تنقيد ڪندو هو. ظاهري طرح جيڪڏهن ڪمزوريون مخالف جون نظر نه اينديون هيون ته پوءِ اندروني ڳالهيون، الزام ۽ افسانه گھڙي عوام کي ٻڌايا ويندا هئا، ڀلي پوءِ انهن ۾ ڪجھ سچ ۽ ڪجھ ڪوڙ هجي. مقصد ڪردار جي رڳو ڪمزوري بيان ڪرڻ هوندو هو. انهيءَ ۾ اها به ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته عقيدت مذهبن ۽ اخلاقيات جا هٿيار استعمال ڪيا وڃن.

پوري انساني تاريخ ۾ قديم دور جي بادشاهن جون هڪ ٻئي تي الزام تراشيون، ثنا گويون، حمايتون ۽ مخالفتون ڀريون پيون آهن. بلڪل ائين اهڙي طرح سان هاڻي به اسان کي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ هڪ ٻئي جي مٿان الزام ۽ طاقت جو مظاهرو لشڪرن جي انداز ۾ ٿيندي نظر پيو اچي. اهي لشڪري مقابلا جلسن جي صورت ۾، جلوسن جي صورت ۾، ريلين جي صورت ۾، هڪ پارٽي ٻئي پارٽيءَ کان پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ طاقتور ڏيکارڻ جي لاءِ ،مظاهرا ڪري پئي ۽ پارٽي اڳواڻ ان ئي لشڪرن جي بنيادن تي پنهنجي مقبوليت جو گراف ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن. اهڙي صورتحال جي اندر جمهوري شعور طاقت جي اڳيان ڪمزور ٿي مظاهرن جي سحر آميزي جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ ان جو وڏي کان وڏو فائدو هڪ خاندان ۽ ليڊر کي پهچي ٿو ته ٻيو فائدو مظاهرن، جلسن جلوسن تي خرچ ڪندڙ دولتمند ماڻهن جو ٿئي ٿو،

جيڪي دولت جي برسات ڪري ماڻهن کي جلسن ۽ جلوسن ۾ سهولتون پهچائيندا آهن پر جلسن جي اندر ميوزڪ ۽ جماليات جا رنگ به ڀريندا آهن. بادشاھن جي مزاجن جهڙا اڳواڻ پنهنجي درٻار جي اندر خوشامد پسند يا اهڙن شاطر دماغ چالاڪ فردن کي ترجيح ڏيندا آهن، جيڪي پنهنجي چالن ۽ حڪمتن سان هنن جي ان لشڪري سياست کي طاقت بخشيندا آهن.

اتي اصلاح ۽ تنقيد جو ڪو به تصور نٿو ڪري سگھي. ان لشڪري سياست  جو مقابلو صرف ۽ صرف حقيقي سياسي پارٽيون ئي ڪري سگھن ٿيون پر انهن جي لاءِ لازم آهي ته اهي مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي ڦڙتيلي عوام دوست سياست سان، ڏاهپ ۽ شعور سان اڳتي وڌن ۽ عوام جي طاقت کي پارٽي ۽ جمهوري بنيادن تي منظم ڪن. باقي لشڪري سياست جو مقابلو لشڪري سياست ڪندي يا وري هٿياربند لشڪر، جيڪو سڀني تي ڀاري هوندو.