اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو مامرن جي اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته رياست ۽ سياست ۾ رياست لازم ملزوم آهي، جهڙي طرح چادر ۽ چار ديواريءَ جي بي حرمتي ۽ ٿاڻن ۾ رشوت وصول ڪئي پئي وڃي اهو انتهائي افسوسناڪ آهي، آءِ ايم ايف کان وٺي آسٽريليا تائين ۽ چين کان وٺي سعودي عرب تائين سڀ سمجهائي رهيا آهن ته عقل کان ڪم وٺو، پر حڪمراني جي لالچ ذلت ۽ رسوائي جي آخري حد تائين پهچي چڪي آهي، حڪومت کوٽو سڪو ثابت ٿي آهي، غريب حقير ۽ ذليل ٿي ويا ۽ امير فقير ۽ رسوا ٿي ويا، ڪاروبار تباهه ٿي ويا آهن، ڊالر 320 رپين ۾ به نه ملي رهيو آهي، سياسي، معاشي، اقتصادي تباهي ٿي وئي آهي، مان 50 سالن کان هڪ سيٽ جي سياست ڪندو آهيان ۽ منهنجي پنهنجي پارٽي عوامي مسلم ليگ آهي، 4 ڀيرا منهنجي گهرن تي وحشياڻا ڇاپا هنيا ويا ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي وئي آهي،  ايس ايڇ او اشفاق وڙائچ، ايس ايڇ او شفقت ۽ ان جا آفيسر جيڪي هميشه منهنجي گهرن مان منهنجون ٻه گاڏيون کڻڻ ۽ ملازمن تي تشدد ڪرڻ جا شوق آهن، انهن جون وڊيوز موجود آهن صرف بهار جي موسم جو انتظار ڪيو قانون جي پڪڙ ۾ اچي ويندا، هن چيو ته ڪي پي ۾ پوليس ڊڄي ٿي، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ زالن، ڌيئرن جي بي حرمتي ڪري ٿي پر آخر ڪيستائين؟.