ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) هائير ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوري جو مدو 28 مئي تي پورو ٿي ويندو، وفاقي سرڪار پاران هيڪ چيئرمين جي مقرري واري مدي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو، نئين هيڪ چيئرمين جي مقرري  4 بجاءِ 2 سالن لاءِ ڪئي ويندي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب هيڪ چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوري جو مدو 28 مئي تي مڪمل ٿيندو، وفاقي سرڪار سندس مقرري واري مدي ۾ واڌ  نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته هيڪ چيئرمين جي مقرري لاءِ وفاقي سرڪار پاران اميدوارن کان درخواستون پڻ طلب ڪيون ويون آهن، درخواستون اچڻ بعد سرچ ڪاميٽي پاران ٻن سالن لاءِ نئين چيئرمين جي مقرري جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويندا.