اسلام آباد: نئين مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ هيڪ لاءِ بجيٽ ۾ 5 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) لاءِ بجيٽ 65 ارب رپين مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته تعليم جي شعبي ۾ مالي مدد لاءِ پاڪستان انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي. پاڪستان انڊومينٽ فنڊ لاءِ 05  ارب رپيا رکيايا پيا وڃن. اهو فنڊ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن کي وظيفا ڏيندو. . اسڪول ڪاليج ۽ پروفيشنل راندين جي ترقي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.